ٽڪڙي: هڪ قسم جي ننڍڙي ساهمي، جيڪا خاص طرح سون چاندي يا هيرا موتي تورڻ جي ڪم ايندي آهي. هيءَ تارازي سونارن ۽ صرافن جي دڪان تي شيشي جي ڪٻٽ ۾، هوا کان محفوظ رکيل هوندي آهي، ڇوته هوا جي اشاري سان بہ تور ۾ فرق اچي ويندو آهي.