ٽکڙ2

ٽِکڙ2: تعلقي ٽنڊي محمد خان جي هڪ ديھہ جنهن ۾ هڪ ڳوٺ ’بچو مير‘ شامل آهي.
اصطلاحي طور اُها جُوءِ، جتي ٽي ديهون اچي گڏ ٿين، ان کي بہ ”ٽکڙ“ سڏجي ٿو.
هن وقت ٽکڙ جو ڳوٺ تعلقي ٽنڊي محمد خان، ضلعي حيدرآباد جو هڪ مشھور ڳوٺ آهي. ٻارهين صديءَ هجريءَ ڌاري، اِها جُوءِ، سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ تي هڪ سرسبز ۽ شاداب جُوءِ هئي، تنهنڪري مٽياريءَ جا سيد ۽ ميمڻ، لڏي اچي اتي رهڻ لڳا ۽ ڳوٺ جو نالو ”وسي شھمير شاھہ“ رکيائون. ڪجهہ وقت کان پوءِ، درياھہ جي چاڙھہ ڪري، پاڻي ڳوٺ کي پائي ويو، جنهنڪري ويٺل ماڻهن ٿورو اڳتي وڃي ڳوٺ ٻڌو، تنهن جو نالو پڻ ”وسي شاھہ شھمير“ رکيائون. تيرهين صديءَ جي آخر ڌاري، درياھہ جي چاڙھہ ڪري، اُهو ڳوٺ بہ ٻڏي ويو، نتيجي ۾ اتي جي رهاڪن اڃا ٿورو اڳتي وڃي اهو ڳوٺ ٽيون ڀيرو ٻڌو، جنهن جو نالو ”وسي ملوڪ شاھہ“ رکيائون، ان ڪري اڄ ڏينهن تائين ”ٽکڙ“ جي نالي سان موجود آهي. ٽکڙ جا ميمڻ، جيڪي ”حافظ“ بہ سڏبا هئا، پنھنجي علم ۽ فن جي ڪري گهڻو مشھور هئا. سندن هڪ مڪتب بہ هو، جتي عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم ڏني ويندي هُئي. درس ۽ تدريس، علم ۽ اخلاق جي ڪري، ماڻهو کين ’حافظچوڻ لڳا. هن خاندان جا ڪيترائي فرد ديني علم سان گڏوگڏ شعر ۽ ادب تي دسترس رکندا آيا. اهو خيال پڻ ڪيو وڃي ٿو تہ موزون شاعري، ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ ٽکڙ کان ئي شروع ٿي. حافظ عالي، نورمحمد خستہ ۽ ميان ڇتن، اهي بزرگ هُئا، جن اهڙيءَ شاعريءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ ڳوٺ مان حافظ محمد هارون ”دلگير“، حافظ محمد يوسف، محمد هاشم مخلص، علامہ اسدالله شاھہ فدا ۽ سيد محمد حافظ شاھہ جا نالا شاعرن ۽ عالمن طور سرفهرست آهن، جن جون علمي ۽ ادبي خدمتون گهڻي وقت تائين ڳائبيون رهبيون. حافظ يوسف کي ٽي پُٽ هئا، جن مان حافظ هارون سڀني کان وڏو هو، سندس ننڍي پُٽ جو نالو بسمل هو. ٻئي ڀائر فارسيءَ جا ڄاڻو هئا، البت دلگير عربيءَ جو ڄاڻو ۽ ٻين علمن ۾ بہ وڌيڪ ماهر هو. اهڙيءَ طرح ٽکڙ ۾ علمي، ادبي ڪم وڌندو ۽ ويجهندو رهيو. ”ٽکڙ“ مان لڏپلاڻ جو سلسلو، ورهاڱي کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو هو. 1352ھہ/ 1933ع ۾ ڳوٺ جي وڏي عبدالحڪيم شاھہ جي وفات کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون ۽ ڳوٺ ڦِٽڻ شروع ٿي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ گهڻا سادات ۽ ٻيا ماڻهو ڳوٺ ڇڏي اچي مختلف شهرن ۾ رهيا. هن وقت هيءُ ڳوٺ اڳئين اوج تي نہ آهي، ان هوندي بہ ماڻهو پنهنجن وڏن جون روايتون اڃا تائين قائم رکيو اچن. سيد ميران محمد شاھہ بہ هن ڳوٺ جو هو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ پاڪستان کان پوءِ مهاجرن جي آبادڪاري ڪاميٽيءَ جو وزير هو. جڏهن تہ خواجہ عبدالله جان عرف شاھہ آغا، علامہ حافظ حڪيم محمد هاشم، مولانا محمد ابراهيم جان خليل، محمد سليم جان سرهندي، سعيد ٽکڙائي، محمد خان غني، حافظ حامد ۽ ٻيا پڻ ٽکڙ سان تعلق رکندا هئا. نامور سياستدان قمرالزمان شاھہ جو تعلق پڻ هن ڳوٺ سان آهي. مشھور شاعر امداد حسيني، شبير هاتف ۽ غلام رسول شاھہ سوز، سيدن جي خاندان مان پنهنجن بزرگن جا جانشين آهن. سرهندي پيرن جو مقبرو پڻ هن ڳوٺ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو