ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ

ٽکڙائي، سيد ميران محمد شاھ: سيد ميران محمد شاھہ عالم، طبيب، شاعر ۽ ماهر هو. ابتدائي ڄمار ٽکڙ جي شھر ۾ پنهنجن ڳوٺ وارن آخوندن ۽ عالمن کان علم جي تحصيل ڪيائين ۽ علم طب ۾ تمام وڏي مهارت حاصل ڪيائين، آخري ڄمار ۾ پنھنجي ذهانت ۽ ذڪاوت سبب انگريزي ضرورت مطابق سندس فارسي ڪلام ان وقت جي مقبول شاعرن ۾ بيحد مقبول هو، ڪجهہ قطعات تاريخ سندس شاعراڻي بلنديءَ جي دلالت ڪن ٿا.
انگريزن جي اوائلي راڄ ۾ جڏهن سنڌي زبان کي مرتب پئي ڪيو ويو تہ ان وقت جن عالمن پنھنجي وطني ٻوليءَ جي الف- ب جي نئين سر جوڙجڪ ۾ حصو ورتو، تن مان سيد ميران محمد شاھه بہ هڪ هو، ان زماني جي ڪمشنر سنڌ سر بارٽل فريئر جي استدعا تي هن هڪ ڪهاڻي لکي، جا ”سدا توري ۽ ڪڌا توري“ جي نالي سان ڇپجي تيار ٿي. شاھ صاحب 1287ھه/ 1870ع ۾ حرمين شريف جي زيارت جو سفر ڪيو. حج تي وڃڻ کان اڳ ۾ پنھنجي شاگردن ۽ اولاد لاءِ علم طب ۾ هڪ رسالو يادگار طور ڇڏيائين، جنهن ۾ گهڻو ڪري سندس مجربات ڏنل آهن ۽ ان رسالي جي آخر ۾ مفردات طب جو بہ بيان ڪيل آهي.
شاھه صاحب، خواجہ عبدالقيوم مجدديءَ (متوفي:1271ھه/1854ع) کان نقشبندي طريقي ۾ بيعت ورتي هئي. پنھنجي مرشد زادي حضرت خواجہ عبدالرحمان مجددي (متوفي: 1215ھه/ 1897ع) سان وڏي محبت هئس. خواجہ عبدالرحمان مجددي 1880ع ۾ قنڌار مان هجرت ڪري جڏهن حرمين شريفين جي زيارت جي ارادي سان وطن مان روانو ٿيو ۽ سيد صاحب کي اها سڌ پهتي تڏهن سيد صاحب پنھنجي ڳوٺ ٽکڙ مان ٽي سؤ ميل پنڌ ڪري ڀاڳ ناڙيءَ ۾ وڃي سندس استقبال ڪيو. سندس ڪوشش سان ئي خواجہ عبدالرحمان مجددي حرمين کان واپس اچي ٽکڙ ۾ هميشہ لاءِ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪئي. هن سومر ڏينهن جمادي الاول 1209ھه/ 1891ع ۾ نمونيا جي بيماريءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1891.00.00  عيسوي

سيد ميران محمد شاهه سومر ڏينهن جمادي الاول 1209ھه/ 1891ع ۾ نمونيا جي بيماريءَ ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ پراڙ
امداد علي سھتو
احسن الهاشمي
رمضان نول
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
اصغر شر
سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر
زيب ڪنگو
فقير فتح محمد
رشيد احمد لاشاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون