ٽي ايس ايليٽ شاعر

ٽي. ايس. ايليٽ: ٽي. ايس. ايليٽ، آمريڪا ۾ مسوري رياست جي مشھور صنعتي شھر ’سينٽ لوئيس‘ ۾ 1888 ع ڌاري پيدا ٿيو. هن جو والد، صنعتي دنيا ۾ وڏي شھرت رکندو هو. ايليٽ پنھنجي خانداني روايت مطابق هارورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ چار سال فلسفي جو علم بہ پڙهيائين. 1910ع ۾ هو ادب ۽ فلسفي جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر پئرس جي ’ساريون يونيورسٽي‘ ۾ داخل ٿيو ۽ اتان واپس اچڻ سان وري اعليٰ تعليم لاءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. ايليٽ 1914ع ڌاران آمريڪا کان لڏي اچي انگلينڊ ۾ رهڻ لڳو، جتي بعد ۾ کيس شھريت بہ ملي ۽ جتي پاڻ مستقل طور رهڻ جو فيصلو ڪيائين. ايليٽ پنھنجي زندگيءَ جو آغاز ”استاد“ جي حيثيت سان ڪيو. هن محسوس ڪيو تہ پڙهائڻ هڪ ڏکيو پيشو آهي، جنهن ۾ ذهني پيڙا گهڻي ٿئي ٿي ۽ ذهني اوسر بہ رڪجڻ جو انديشو ٿئي ٿو، ان ڪري هن صاحب ڪجهہ عرصي لاءِ بئنڪ ۾ نوڪري حاصل ڪئي. ان عرصي دوران ايليٽ مختلف عنوانن تي لکندو ۽ پڙهندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن ”ايلف. ايڇ. براڊلي“ تي هڪ تحقيقي مقالو لکي ورتو، جيڪو 1924ع ۾ ڇپيو هو. ايليٽ 1917ع کان 1919ع تائين، ”دي ايگوئيسٽ“ رسالي جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ ان دوران ٻين بہ ڪيترن ئي رسالن ۾ لکندو رهيو. 1922ع ۾ هو ”دي ڪرائيٽيرن“ جو سب ايڊيٽر ٿيو.
1928ع ۾ ايليٽ جي زندگيءَ ۾ هڪ عجيب موڙ آيو، جڏهن هو عيسائيت واري مذهب ۾ داخل ٿيو. لڳي ٿو تہ مٿس جان ڊان جو گهرو اثر ٿيو، ان ڪري ايليٽ جا ڪافي ترقي پسند خيالن رکڻ وارا دوست مايوس ٿي پيا ۽ کانئس پري رهڻ لڳا. ايليٽ جي گهريلو زندگي بہ سٺي نہ رهي. 1915ع ۾ جڏهن هن شادي ڪئي تہ هڪ سال گذرڻ بعد سندس زال چري ٿي پئي ۽ کيس چرين واري علاج گهر ۾ داخل ڪيو ويو. اتي هوءَ ”نہ چرين ۾، نہ سياڻن ۾“ ، واري حالت منجهہ 1947ع، يعني پنھنجي زندگيءَ جي آخري سال تائين رهي. ايليٽ ان سان ملڻ لاءِ آخر تائين اتي ويندو رهندو هو. ان پريشانيءَ ۾ ايليٽ 1957ع ۾ پنھنجي پرائيويٽ سيڪريٽري سان شادي ڪئي ۽ پنھنجي حياتيءَ جا پويان سال گهريلو زندگي خوشگوار نموني سان گذاري. آخرڪار جنوري 1965ع ۾ هن وفات ڪئي. هن کي مرڻ بعد وڏي ۾وڏو قومي اعزاز ڏنو ويو. ايليٽ ويهين صديءَ جي قدآور شخصيتن مان هڪ اهم حيثيت جو مالڪ آهي. هن جي حياتيءَ جا ٽي دور يا حصا آهن. بحيثيت شاعر، نثر نويس ۽ ڊرامه نگار.
ايليٽ، شاعر جي حيثيت ۾: ايليٽ بنيادي طور تي شاعر هو. انگريزي شاعريءَ ۾ اسان کي آمريڪا جي سرزمين تي ٻہ نوجوان شاعر گهڻو اڀرندي نظر آيا. هڪڙو ازرا پائونڊ ۽ ٻيو ٽي.ايس.ايليٽ. هنن جي شاعريءَ ۾ نئون روح، فن ۽ فڪر، طرز ۽ انداز بيان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ايليٽ جڏهن شاعري شروع ڪئي، تڏهن اها صنف پنھنجي اهميت وڃائي چڪي هئي. پڙهيل لکيل ۽ سنجيدي قسم جا ماڻهو ان کان بيزار ٿي چڪا هئا. ايليٽ جي اها ڪوشش رهي تہ هو شاعريءَ کي وري ان عروج تي آڻي تہ جيئن اعليٰ تعليم وارا ماڻهو بہ ان مان لطف حاصل ڪن. ايليٽ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو 1917ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس اٺن سالن دوران لکيل شاعري شامل هئي. انهن نظمن ۾ نمايان نظم (Love Song of Alfred Prafrock) آهي. هن نظم ۾ هڪ پوڙهي عاشق جو ذڪر ڪيوو ويو آهي، جيڪو پنھنجي محبوبہ سان روز شام جو گهمندو رهي ٿو، پر عشق کي مقدس امانت سمجهي، سيني ۾ سانڍيو اچي ٿو، سڄي عمر گذرڻ کان پوءِ بہ ان جو اظهار نہ ٿو ڪري، هن نظم ۾ عشق ۽ محبت جو تقدس برقرار رکيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ ٻين نظمن کان علاوہ (Portrait of A Lady) ۽ (Gerontion) ۾ مشھور ۽ تعريف لائق آهن.
ايليٽ جا ٻہ شعري مجموعا هر هڪ 1919ع ۽ 1920ع ۾ نيويارڪ مان ڇپيا هئا. پر هن ۾ شاهڪار نظم “The Waste Land”، جيڪا پهرين نيويارڪ ۾ (1922ع ۽ 1925ع) ۽ پوءِ لنڊن ۾ ڇپي، هن نظم دنيا ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻي. هن نظم جو فارم ۽ انداز بلڪل انوکو آهي. چار سؤ ٽيٽيھہ سِٽن تي مشتمل هي نظم، جديد انگريزي شاعريءَ ۾ هڪ شاهڪار نظم جي حيثيت ۾ سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. هن نظم جا پنج حصا آهن، جيڪي عام طور تي هڪ ٻئي کان جدا ٿا لڳن، پر وري وري پڙهڻ سان خبر پوي ٿي تہ انهن جو پاڻ ۾ گهاٽو ڳانڍاپو آهي. ايليٽ جي عظيم شاهڪارن مان هيءَ نظم سرفهرست آهي. هن کان علاوہ “The Hollow Man”، “East Coker”، “Ash Wednesday” ۽ “The Four Quarters” بہ عظيم شاهڪارن ۾ شامل آهن.
ايليٽ، نثر نويس جي حيثيت ۾: ايليٽ جي نثر جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اسان اهو چوڻ تي مجبور ٿا ٿيون تہ: ”ايليٽ هڪ ئي وقت عظيم شاعر بہ آهي تہ اعليٰ قسم جو نثر نويس بہ.“ هن جي نثر پڙهڻ سان خاص طور تي ڌارين ( انگريزي کان علاوہ) ٻولين وارن کي گهڻو فائدو رسي ٿو. ايليٽ جي اندر وارو شاعر انوکي انداز سان تخليق ۾ مصروف هو. سندس مذهبي عقيدي جي ڇاپ ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندي هئي، ڇاڪاڻ تہ هو فن کي آزاديءَ سان پيش ڪرڻ جو قائل آهي. حالانڪہ سندس مذهبي نظريو رجعت پسند رهيو. پر هن ان کي پنهنجو شخصي فعل سمجهي پاڻ تائين محدود رکي ڇڏيو. ايليٽ جي مضمونن مان چند مضمون جھڙوڪ: ”روايت ۽ انفرادي صلاحيت“، ”تنقيد جو مقام“، ”شاعريءَ جو سماجي ڪارج“، ”ڪلاسڪ ڇا آهي“ ۽ ”ملٽن“ وغيرہ تمام سٺا تنقيدي شاهڪار آهن.
ايليٽ، بحيثيت ڊرامانگار: ايليٽ پنھنجي جڳ مشھور ليڪچر، ”شاعري ۽ ڊرامه“ (1949ع) ۾ ڪافي تفصيل سان انهن ٻنهي تي روشني وڌي آهي ۽ صاف لفظن ۾ ٻڌايو اٿس تہ ”منظوم ڊرامو“ ادب جي سڀ کان بهتر صنف آهي. زندگيءَ بابت جيڪي ڪجهہ شاعريءَ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو، اهو وڌيڪ بهتر طور تي ڊرامي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ تہ ان جي ادائگي جيئرن جاڳندن ڪردارن جي روپ ۾ سڀني جي آڏو وڌيڪ اثرائتي نموني سان پيش ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جو اثر ديرپا ٿئي ٿو.
جهڙيءَ طرح ايليٽ جي شاعريءَ کي پراڻن پيمانن ۾ ماپڻ مشڪل آهي، اهڙيءَ طرح هن جا ڊراما بہ ڪاميڊي يا ٽرئجڊي جي ڏسيل طريقن تحت ناهن. هن جي ڊرامن ۾ اهي اصول ئي مٽجيو وڃن. مٿس يوناني ڊرامن ۽ ڊانٽي جو اثر گهڻو ٿو ڏسجي. ايليٽ جي لکيل ڊرامن ۾، جيڪي هن زندگيءَ جي آخري دور ۾ لکيا، اسان کي غم ۽ خوشيءَ جو سنگم ڏسڻ ۾ ٿو اچي. سندس پهريون ڊرامو “Murder in the Cathedral”، جيڪو عنوان تحت ٽرئجڊي لڳي ٿو، پر ان جي اختتام کي ايليٽ ڪاميڊي بڻائي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ تہ ٿامس بيڪٽ جي موت کي ڪليسا سان شادي ڪري پيش اٿس، جنهنڪري هو هڪ مثالي هيرو بڻجي وڃي ٿو. حالانڪہ هن کي ڪليسا ۾ سپاهي اچي قتل ڪيو، جن کي پادريءَ اهڙو حڪم ڏئي موڪليو هو.
ايليٽ جو ٻيو ڊرامو “The Family Remount”، جيڪو انگلينڊ جي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن ۾ مفاد پرستي ۽ ذهني خلفشار جو نمونو ڏيکاريو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سان ايليٽ پنهنجن ٻين ڊرامن، “The Confidential Clerk”، “The Elder Ratesman” ۽ “The Cocktail Party” ۾ بہ پنھنجي سماج جي اوڻاين کي اگهاڙو ڪري ننديو آهي. شيڪسپيئر کان پوءِ اٽڪل ٽي سؤ سالن گذرڻ بعد منظوم ڊرامي جي روايت کي وري زندہ ڪيائين ۽ نہ فقط روايت کي جيئاريائين بلڪ ان ۾ جدت بہ شامل ڪري ڏاڍي خوبصورتي سان سينگاري پيش ڪيو اٿس. ايليٽ ويهين صديءَ جي قدآور شخصيتن مان هڪ آهي. هو پنھنجي آمريڪي مزاج سميت روايتن، مذهبي اصولن ۽ عقيدن کي سيني سان لڳائي اڳتي وڌندو رهيو. هن ادب ۾ رومانيت جي مخالفت ڪئي ۽ وڏين شخصيتن سان ادبي اصولن تي اختلاف ڪيو. انهن وڏن اديبن ۾ شيڪسپيئر، ملٽن، ڪالرج، گوئٽي ۽ روسو وغيرہ جھڙا وڏا عالم اچي ٿا وڃن.
ٽي. ايس. ايليٽ ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۽ علم ادب تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ پاڻ بہ هندو ۽ ٻڌمت کان متاثر ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جي نظمن، “The Waste Land” ۽ “The Four Quarters” ۾ اسان کي هندن، ٻُڌمت ۽ سنسڪرت جا حوالا ملن ٿا. سڀ کان پهريائين ايليٽ بنگالي تنقيدي ادب کي متاثر ڪيو. بنگالي ادب ۾ ترجمو ڪرڻ وارا هئا ٽئگور ۽ سُڌن دتا. ٽئگور ايليٽ جي هڪ نظم “Journey to Magi” کي 1931ع ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ عنوان ڏنو هئائينس، ”نيرٿا جاترا“. هن نظم کان ٽئگور ڏاڍو متاثر ٿيو. سُڌن دتا، بنگالي ادب ۾ صنعتي ترقي ۽ سماجي ڊوڙ جي خراب اثرن کي محسوس ڪيو ۽ کيس پنھنجي ادب ۾ “Waste Land” ڏسڻ ۾ آئي. ان اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ سُڌن دتا ايليٽ جو ترجمو بنگالي ٻوليءَ ۾ ڪيو ۽ هن جي تنقيدي نظريي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان طرح سان بنگال جا ڪيترا اديب ايليٽ کان متاثر ٿيا، جن ۾ بشنوديؤ، مقامي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر پيش پيش هو. ايليٽ اردو ادب ۽ ٻوليءَ کي ڪافي حد تائين متاثر ڪيو آهي. ڊاڪٽر جميل جالبيءَ ايليٽ جا چونڊ مضمون ترجمو ڪري وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. ڊاڪٽر ابؤالخير ڪشفيءَ، اردو ادب جي مشھور پروفيسر جو چوڻ آهي تہ:”ايليٽ اردو ادب کي ايترو تہ متاثر ڪيو آهي جو اسان کي پنهنجن نظرين ۽ سوچن کي مٽائڻو پئجي ويو. خاص طور تي تنقيدي سوچ کي وڌائڻ ۾ ڪافي مدد حاصل ٿي.“ مشھور ناول نگار خاتون قرت العين حيدر، پنھنجي ناول ”آگ ڪا دريا“ جو آغاز ئي ايليٽ جي نظم سان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سان ٻيا بہ ڪيترائي ليکڪ آهن، جيڪي ايليٽ کان متاثر ٿيا آهن. سنڌي ادب ۾ بہ ايليٽ کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پر مٿس قلم ڪونه کنيو ويو آهي. سڀ کان پهريائين سائين محمد ابراهيم جويي، ايليٽ جو مضمون ”شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ ترجمو ڪيو هو، جيڪو ٽماهي مهراڻ جي آڳاٽي جلدن ۾ ڇپيو هو ۽ ٻيهر هلال پاڪستان جي پهرئين اسٽائيل واري مئگزين ۾ ڇپيو هو. شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ بہ ايليٽ کي حوالي طور پنهنجين لکڻين ۾ ڪم آندو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ بدر اُڄڻ، ايليٽ جي فن ۽ شخصيت تي هڪ ڪتاب لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.00.00  عيسوي

ٽي. ايس . ايليٽ سينٽ لوئيس ۾ 1888 ع ڌاري پيدا ٿيو


1965.01.00  عيسوي

ٽي . ايس . ايليٽ جنوري 1965ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دريا خان فقير 1
علي صفدر
شاهين سنڌي
احسان عظيم صديقي
سيفو شاعرہ
تابش بخاري
ڪرشن راهي
محمد خان مسرور سيال
خالدي علي محمد
علي حيدر ملڪاڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون