ٽيٽيهر ڳاڙهي پاپڙيءَ وارو

ٽيٽيهر ڳاڙهي پاپڙيءَ وارو

ٽيٽيهر

ٽيٽيهر (ڳاڙهي پاپڙيءَ وارو) Red-wattled Lapwing /Hoplopterus indicus, Vanellus indicus/: 33 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ٽيٽيهر جا نرماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جو مٿو، ڪنڌ، ڳچي ۽ گلو ڪارو ٿئي ٿو. اک کان ڪياڙيءَ وٽان ڪلهن کان ٿيندو پيٽ ۽ سڄو هيٺيون حصو اڇو ٿئيس. نَڪ تي ڳاڙهي پاپڙي ۽ پٺي ۽ پَـر سليٽي رنگ جا اٿس. پَـرن تي ڪي قدر ڪٿئي رنگ جا چمڪدار کنڀ ٿين ٿا. هي پکي پوکن ۽ کليل ڇَر وارن علائقن ۾ عام ٿئي ٿو. ٻوليءَ ۾ شور اٿس ۽ هڪ ئي وقت ۾ چار زوردار ڦرڻيون چيخون ڪندو آهي. اڪثر جوڙيءَ ۾ ڏسبو آهي. اڏام جو ڍرو آهي، جيئن اڪثر ٻين ٽيٽن جي اڏار هوندي آهي. گول پَـر زور سان ڦڙڪائيندو آهي. مادي، زمين يا گاھہ تي ٽي چار چٽڪمرا آنا ڏيندي آهي.


لفظ ٽيٽيهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو