ٽيٽو مارشل

ٽيٽو مارشل

ٽيٽو مارشل

ٽيٽو مارشل (جنم 1891ع ):ٽيٽو جديد يوگوسلاويا جو ابو آهي. هن 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت روس کان يوگوسلاويه جي آزادي بچائي ۽ ٽين دنيا ۾ پنھنجي ملڪ کي مٿڀري حيثيت ڏياري.
ٽيٽو جو اصل نالو جوزف بروڊز هو. هن جو پيءُ ڪروٽ ۽ ماءُ سالوين هئي. ٽيٽو ڄمڻ وقت آسٽرو هينگيرين سلطنت جي رعايا مان هو. هن ڌاتسازيءَ ۾ مزدور ٿي ڪم ڪيو، ٽريڊ يونين ۾ شامل ٿيو ۽ ڪروشيا جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي فوج سان گڏ روسي محاذ تي وڙهي رهيو هو، تڏهن روسين کيس گرفتار ڪيو. روس جي 1917ع واري انقلاب کان پوءِ هو. روس جي گهرو ويڙھہ دوران سرخ فوج سان گڏ وڙهيو. هو 1920ع ۾ ڪروشيا موٽيو تہ سندس ملڪ سربيا جي بادشاھہ پيٽر جي هٿ هيٺ قائم ٿيل سربين، ڪروٽن ۽ سالون جي نئين بادشاهت جو حصو بڻجي چڪو هو.
ڪروشيا 1928ع ۾ پنھنجي جدا پارليامينٽ زگرب ۾ قائم ڪئي. سربيا جي شاهي حڪومت انهيءَ پارليامينٽ جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ رياست جو نالو بدلائي يوگوسلاويا (ڏاکڻيون سلاويا) رکي ڇڏيو. ڪروشين ۽ مقدوني قوم پرستن 1934ع ۾ بادشاھہ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هن جي جاءِ تي سندس پٽ پيٽر II تخت تي ويٺو.
انهيءَ سال بروڊز پنج سال ٽيپ کائي جيل مان ٻاهر نڪتو. ان بعد هو ڪروٽ- سالوين ڪميونسٽ پارٽيءَ تي ڇائنجي ويو ۽ مختلف نالن سان انقلابي تحريڪ هلائڻ لڳو. انهن نقلي نالن مان هڪڙو نالو ”ٽيٽو“ بہ هو. هن 1935ع ۾ ماسڪو ۾ ڪومنٽرن جي بلقان واري ڌر ۾ شموليت اختيار ڪئي. پارٽيءَ ۾ اسٽالن جي ڪرايل صفائيءَ کان ڀڄي نڪتو ۽ ڪومنٽرن جي ايگزيڪيٽو، ڪميونسٽ پارٽي کي نئين سر منظم ڪيائين، جنهن اسپيني گهرو لڙائيءَ ۾ جمهوري طرف وڙهڻ لاءِ 1937ع ۾ رضا ڪارن جي فوج موڪلي.
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ يوگوسلاوي مزاحمت تي پهريائين ساڄي ڌر جون شاھہ پرست چيٽنڪ قوتون ڇانيل هيون، جن جي اڳواڻي ڊارازا مهيلووڪ ٿي ڪئي. پر ٽيٽو جا جبلن ۾ وڙهندڙ ساٿي جلد ئي وڌيڪ اهميت وارا ثابت ٿيا. انهن جرمن حملن کي مڙسيءَ سان منهن ڏنو ۽ ستت ئي سندس مقابلو مهيلووڪ سان ٿيو، جيڪو جلاوطن بادشاھہ پيٽر جو نمائندو هو. ٽيٽو ماسڪو جي مخالفت کي نظر انداز ڪندي، پنھنجي قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ پنھنجي انقلابي انتظاميہ قائم ڪئي. انهيءَ کان پوءِ هن پارٽيزن (ساٿين) جي اسيمبلي ڪوٺائي، جنهن يوگوسلاويا جي عارضي حڪومت قائم ڪئي. سوويت يونين ۽ مغربي اتحادي مٿس شاھہ پرستن کي بہ حڪومت ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا. پر هن ٻنهي سان اهڙي کيڏ کيڏي جو سندن دٻاءَ مان ڪاميابي سان بچي نڪتو.
هو 1945ع ۾ يوگوسلاويا جو وزيراعظم چونڊيو ويو. نومبر ۾ سندس پارٽي آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون کٽيون ۽ يوگوسلاويا کي وفاقي جمهوريه ٺهرايو، جنهن ۾ سربيا، ڪروشيا، بوسنيا، هرزيگووينا، ميڪيڊونيا، سالوينيا ۽ مونٽينگرو جون سوويت سوشلسٽ جمهوريتون شامل هيون.
ٽيٽو کي قومي سطح تي ناموري حاصل هئي. ڪميونسٽ هوندي بہ کيس مغرب جي پٺڀرائي مليل هئي. هن آزاد رهڻ جو پڪو پھہ ڪندي يونان ۾ ڪميونسٽن جي بغاوت کي مدد ڏني، ٽريسٽيءَ کي يوگوسلاويا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ويڙھہ ڪئي ۽ ڪئٿولڪ چرچ تي حملو ڪيائين. مغربي ملڪن جي ڪاوڙ وڌي. اسٽالن 1948ع ۾ انهيءَ اميد تي يوگوسلاويا کي ڪومنٽرن مان ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اڪيلو ٿيڻ ڪري اهو ملڪ مجبور ٿي سوويت بلاڪ ۾ شامل ٿيندو، پر نتيجو ابتڙ نڪتو. سڄي قوم پنھنجي اڳواڻ جي پٺيان گڏ ٿي وئي ۽ 1953ع ۾ کيس صدر چونڊيائين. روس ۽ يوگوسلاويا جي وچ ۾ مفاهمت ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪوششون ٿيون، پر اهي ڪوششون، هنگريءَ تي 1956ع ۾ سوويت يونين جي ڪاھہ سبب ڪامياب ٿي نہ سگهيون. صدر ٽيٽو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جو دورو ڪري عالمي سطح تي اهميت اختيار ڪري ويو. هن هندستان جي وزيراعظم نهروءَ ۽ مصر جي ناصر سان گڏجي ”غير جانبدار“ ملڪن جي هڪ اهم ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ ’غير جانبدار تحريڪ‘ جو بنياد وڌو.
يوگوسلاويا، چيڪوسلوا ڪيا تي سوويت يونين جي ڪاهڻ تي تپي باھہ ٿي ويو. ٽيٽو انهيءَ ڪاھہ کي ”هڪ سوشلسٽ“ ملڪ جي اقتدار اعليٰ جي ڀڃڪڙي ۽ سڄي دنيا ۾ سوشلسٽ ۽ ترقي پسند قوتن کي ڌڪ سڏي ان جي مذمت ڪئي. هن يوگوسلاويا جي فوجن کي پڻ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. هن پنھنجي ملڪ ۾ ”عدم مرڪزيت وارو سوشلزم لاڳو ڪيو، جنهن ۾ پورهيتن کي فيصلن ۾ شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ سرمائيداري سرشتي جا ڪي جزا بحال رکيائين. اهو سوويت بنياد پرستيءَ کي ڇڏڻ جي برابر هو. تنهن کان سواءِ ٽيٽو آزاد خارجہ پاليسي اختيار ڪري، ماسڪو جي يورپي ڪميونزم جي سامهون ٿيو.
پر يوگوسلاويا جون قوميتون وفاق مان مطمئن نہ هيون. ٽيٽو 1970ع ۾ جيتوڻيڪ ڪراڙو ٿي ويو هو، تنهن هوندي بہ يورپ جو سڀ کان هوشيار مدبر ليکبو هو، پر انهيءَ زماني کان ئي اهڙيون رٿون تيار ٿيڻ لڳيون، جن مطابق کانئس پوءِ اڳواڻن کي ملي جلي ملڪ هلائڻو هو، پر هن جي اڳواڻي برقرار رهي. شايد هو ملڪ جو واحد اڳواڻ هو. جيڪو پنھنجي گهڻ قومي ملڪ کي متحد رکي ٿي سگهيو. پاڻ 4 مئي 1980ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1891.00.00  عيسوي

ٽيٽو مارشل 1891ع ۾ ڄائو


1980.05.04  عيسوي

ٽيٽو مارشل 4 مئي 1980ع ۾ وفات ڪري ويو



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻري
پائُلي
کيسانو واهه
ٺيڪو
پڪو تلاءُ
بدنو
حلوو
چوڏول
سونا گيڙو
پاڏو
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون