
ٽيلِيپيٿي
ٽيلِيپيٿي (Telepathy ):هن علم کي مشرقي ٻولين ۾ ”مِسمئريزم“ بہ چيو ويندو آهي، جنهن جو مفهوم ”ماڻهوءَ جي پنهنجن خيالن کي ٻين جي دماغ ۾ منتقل ڪرڻ جو ”خفيہ علم يا عمل“ آهي. هيءُ علم گهڻي عرصي کان عمل هيٺ آهي، پر سائنسدان اِن تي يقين نہ ٿا رکن. ڪي سائنسدان پنھنجي ذاتي تجربي جي آڌار تي اِن کي تسليم بہ ڪن ٿا. هن موضوع تي سڀ کان اعليٰ لٽريچر ڊاڪٽر رائس جي تصنيف آهي. ڊاڪٽر موصوف جو خيال آهي تہ خيالن کي منتقل ڪرڻ جي طاقت تقريباً هر ماڻهو کي ملندي آهي. هن پنھنجي سمورين دعوائن کي پنھنجي عمل ذريعي ثابت ڪيو آهي. ٽيلي پيٿيءَ متعلق سڀ کان پهرين مسٽر سيجوڪ 1871ع ۾ تجربا ڪيا هئا. هن علم جي باري ۾ هاڻ بہ مطالعو ۽ تحقيق جاري آهي. سر ڊبليو ڪروڪس هن علم جي وضاحت ڪندي چيو تہ ”لَهرن جي هڪ سلسلي جي بدولت هڪ انسان، ٻئي انسان تائين پنهنجا خيال پهچائي سگهي ٿو“. هن قسم جي مڃتا هندن ۾ بہ ملي ٿي.