
ٽيليڪرون
ٽيلڪرون (وقت ڏيکارڻ جو جديد گهڙيال ):سائنسدانن هڪ اهڙي وقت ڏيکارڻ واري گهڙيال تي تحقيقات مڪمل ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪڏهن بہ وقت ملائڻ جي ضرورت ڪا نہ ٿيندي. باوجود ان جي، جو اهو هميشہ هلندو رهندو ۽ قيمت ۾ ايترو تہ سهانگو هوندو، جو هر هڪ ان کي خريد ڪري سگهندو. ساڳئي وقت ان سان ڏيکاريل وقت ايترو تہ درست هوندو، جو اهو اڻائي (Atomic) گهڙيال جو مقابلو ڪري سگهندو. ان کان سواءِ هي گهڙيال ريڊيائي دست اندازيءَ کان آجو هوندو آهي.
هن گهڙيال جو بنياد انهيءَ ڳالھہ تي آهي تہ هر هڪ سيڪنڊ کان پوءِ، ڪلاڪ، منٽ ۽ سيڪنڊ جي باري ۾ اطلاع ، ڌڙڪي واري نشان (Pulse Code) جي شڪل ۾ موجودہ ريڊيو يا ٽيليوزن ٽرانسميٽر مان نشر ڪري سگهجي ٿو.
انهن ڌڙڪي وارين نشانين کي اهڙي گهڙيال جي مدد سان (جيڪي عام واهپي جي شين وانگر ٺاهي سگهجن ٿا) بدلائي (Decode) ۽ نڪسي ٽيوب (Nixie Tube)، يا پاڻياٺي پلم (Liquid Crystal) جي مدد سان انگي صورت (Digital) ۾ آڻبو آهي. جڏهن اهڙو گهڙيال چالو ڪبو تہ اهڙو ئي صحيح وقت ڏيکاريندو، جهڙو ريڊيو ۽ ٽيليفون ٽرانسميٽر تان نشر ڪيو ويندو. اهي نشريات هر سيڪنڊ يا وڌ ۾ وڌ ٻن سيڪنڊن جي وِٿيءَ تي ٿينديون. لڳاتار هلڻ جي حالت ۾ اهو گهڙيال ريڊيائي دست اندازيءَ کان آجو رهندو. پر جيڪڏهن تمام گهڻي دست اندازي جي ڪري گهڙيال وقت ڏيکارڻ بند ڪندو تہ بہ جڏهن وري اهو ڪم شروع ڪندو تہ ان مھل جو صحيح وقت ڏيکاريندو. اهڙو گهڙيال عام گهرو بجلي يا بيٽريءَ تي بہ هلائي سگهجي ٿو. اهو ريڊئي يا ٽيليويزن وانگر ساڪت يا وري چرندڙ ڦرندڙ (جهڙو گاڏين ۾ هوندو آهي) ٿي سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ انهيءَ گهڙيال جي جوڙجڪ معياري، پر سستن اليڪٽرونڪ پرزن سان ڪئي ويئي آهي، پر ان جي صلاحيت بھترين گهڙيالن کان گهڻائي دفعا وڌيڪ آهي. ان ۾ وقت ملائڻ جي ڪڏهن بہ ضرورت ڪانہ پوندي.
هي ريڊيائي بنياد تي ڪم ڪندڙ گهڙيال، ايترن سالن جي جدوجھد کانپوءِ تيار ٿيو آهي جو اهو ٽيڪنيڪي ۽ معاشي اعتبار سان عام ٿي سگهي ٿو.