ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر

ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر

ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر

ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر (Tobias Michael Carrel Asser ):ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر هالينڊ جو قانوندان 28 اپريل 1838ع تي ايمسٽرڊم ۾ ڄائو. هن ڊچ قانوندان کي 1899ع تي هيگ (Hague) نالي امن ڪانفرنس ۾ ثالثيءَ جي مستقل عدالت قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش تي 1911ع ۾ نوبل انعام الفريڊ فرائيڊ (Alfred Fried) جي شراڪت ۾ ڏنو ويو. ايسر 1862ع کان 1893ع تائين ايمسٽرڊيم يونيورسٽي ۾ تجارتي ۽ شخصي بين الاقوامي قانون جو پروفيسر رهيو. هن 1869ع تي پنھنجي دوستن سان گڏجي بين الاقوامي قانون ۽ تقابلي قانون سازيءَ جي جائزي جو هڪ رسالو “Review of International Law and of Comparative Legislation” ڪڍيو. هن 1873ع ۾ بين الاقوامي قانون جو هڪ ادارو بہ قائم ڪيو. 1893ع ۾ ايسر ڊچ حڪومت تي زور ڏنو تہ هن بين الاقوامي خانگي قانون (Private Law) وحدت جي لاءِ هيگ ڪانفرنس سڏرائي، جيڪا ڪانفرنس 1893ع ۾ ٿي ۽ جنهن اڳتي هلي هڪ مضبوط اداري جي صورت اختيار ڪري ورتي.هو 12-1911ع ۾ بين الاقوامي بلز آف ايڪسچينج سان لاڳاپيل قانون جي هڪجهڙائي جي لاءِ ٿيڻ واري ڪانفرنسن جو صدر بہ رهيو. ايسر 1893ع ۾ ڊچ اسٽيٽ جي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. 1899ع ۽ 1907ع جي هيگ امن ڪانفرنسن ۾ هن نيدرلينڊ جي منذوب جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ايسر 29 جولاءِ 1913ع تي هيگ ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1838.04.28  عيسوي

ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر هالينڊ جو قانوندان 28 اپريل 1838ع تي ايمسٽرڊم ۾ ڄائو


1913.07.29  عيسوي

ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر 29 جولاءِ 1913ع تي هيگ ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور وسطڙو ( راڳي)
خير محمد پشوري
دلبر چانڊيو
حمزہ علوي
اسٽيو جوبز
آر ايم هري ڊاڪٽر
سيد قاسم محمود
ايس آر راءُ
راءِ گنگاجر جکرو
ابوالبشير ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون