
ٽوبن جيمز
ٽوبن جيمز ( Tobin, James ):آمريڪا جو ماهرِ اقتصاديات 5 مارچ 1918ع تي شيمپين ، الي نائي ۾ ڄائو . هن هارورڊ يونيورسٽيءَ مان 1939ع کان 1940ع تائين گريجوئيشن ۽ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي . ان کان پوءِ هو واشنگٽن ڊي سي ۾ بطور اقتصاديات جي ماهر طور ڪم ڪندو رهيو . جيمز ٽوبن آمريڪا جي تباھہ ٿيل جھاز ” يو . ايس . ايس ڪيرني “ ( USS-Kearney ) جو سيڪنڊ انچارج ٿيو . 1947ع ۾ هن کي ” سرماياڪاري جي خاص نظرئي “ ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي . هو 1950ع ۾ ييل يونيورسٽي جي تدريسي عملي ۾ شامل ٿيو . 1957ع ۾ هو اقتصاديات جو سٽرلنگ پروفيسر مقرر ٿيو . تدريس کان سواءِ هن تيرهن سالن تائين اقتصادي ميدان ۾ تحقيق ڪئي ۽ ڪائولز فائونڊيشن جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو . ٽوبن جي ڪم ” رسڪ مينجمنٽ پورٽ فوليو “ ۾ هيٺين سطح جي عمل ڪاري جي باري ۾ ڪينز جا اقتصادي تجزيا گهڻا واضح ۽ قابلِ فھم صورت ۾ سامهون آيا . هن کي 1981ع ۾ کيس اقتصاديات جي شعبي ۾ نوبل انعام ڏنو ويو . هن ڪل 96 ڪتاب لکيا ، جن مان ڪجهہ هي آهن:
• “ Money, wage Rates and Employment ” , 1947, in Harris, editor, The New Economics .
• “ Liquidity Preference and Monetary Policy ” , 1947, REStat .
• “ A Dynamic Aggregative Model ” , 1955, JPE .
• “ The Interest Elasticity of the Transactions Demand for Cash ” , 1956, RES .
• “ Liquidity Preference as Behavior Towards Risk ” , 1958, RES .
• “ Estimation of Relationship for Limited Dependent Variables ” , 1958, Econometrica .
• “ On the Predictive Values of Consumer Intentions and Attitudes ” , 1959, RES .
• “ Consumer Expenditures and the Capital Account ” with Harold W . Watts, 1960, in Friend and Jones, editors, Proceedings of the Conference on Consumption and Saving .
• “ Towards a General Kaldorian Theory of Income Distribution ” , 1960, RES .
• “ Money, Capital and Other Stores of Value ” , 1961, AER .
• “ An Essay on the Principles of Debt Management ” , 1963, in Fiscal and Debt Management Policies .
• “ Comments on the Relevance of Psychology to Economic Theory and Research ” with F . T . Dolbear, 1963, in Koch, editor,, Psychology: A Study of a Science . Etc .
1918.03.05 عيسوي
آمريڪا جو ماهرِ اقتصاديات ٽوبن جيمز 5 مارچ 1918ع تي شيمپين الي نائي ۾ ڄائو