ٽنڊو مير نور محمد

ٽنڊو مير نور محمد: حيدرآباد شھر جي الهندي پاسي سنڌوءَ درياھہ جي ويجهو مير محمد حسن علي خان ٽالپر جي ڀاڻيجي هز هائينس مير نور محمد خان ٽالپر هي ٽنڊو آباد ڪيو. انگريزن جي قيد مان آزادي ملڻ بعد جڏهن انگريزن مير حسن علي خان کي حيدرآباد جو قلعو رهائش لاءِ ڏيڻ ٿي چاهيو تہ مير حسن علي خان اهي لفظ چيا، ”جنهن هنڌان اسان جي وڏن ۽ اسان کي قيد ڪيو ويو، اها جاءِ هاڻي اسان لاءِ بيڪار آهي.“ انگريزن کان آزادي ملڻ بعد ٽالپرن ٽنڊي مير نور محمد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. اڄ بہ سندن اولاد هتي آباد آهي.


لفظ ٽنڊو مير نور محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو