ٽنڊو مستي خان: هيءُ ديھہ ضلعي ۽ تعلقي خيرپور ۾ موجود آهي. هن ديھہ کي 1803ع ۾ سردار مستي خان آباد ڪيو. هتي پير فضل نانگي ۽ شيخ مڪائيءَ جون مزارون عام ۽ خاص جي عقيدت جو مرڪز آهن.
ٽنڊو مستي نوابشاھہ-روهڙيءَ جي وچ ۾ ريلوي اسٽيشن بہ آهي.
هن ديھہ جي ڏکڻ ۾ ”ڪوٽيسر“ نالي قديم آثار موجود آهن، جن جي کوٽائيءَ سان هن علائقي جي انساني تھذيب جا قديم آثار دريافت ٿيا آهن.
ٽنڊو مستي خان نالي ديھہ ۾ ’ٽنڊو مستي‘، ’جتن جو ڳوٺ‘، ’چانڊيا‘ ۽ ’کرڙي‘ نالي ڳوٺ آباد آهن.