ٽنڊو غلام حيدر

ٽنڊو غلام حيدر: هيءُ ڳوٺ/ شھر ضلعي بدين جي تعلقي ماتليءَ ۾، شھر ماتليءَ کان تقريباً ڏھہ ڪلوميٽر کن مفاصلي تي آهي. هي هڪ قديم شھر آهي، جنهن جي ويجهو ’جوڻ‘ ۽ ’فتح باغ‘ جي قديم شهرن جا آثار آهن. هي شهر، چانورن ۽ گيھہ جي واپار کان مشھور آهي. مولانا نورمحمد نظاماڻي، ٽنڊي غلام حيدر مان ”طيراً ابابيل“ ۽ ”نورالسلام“ نالي اخبارون پڻ ڪڍيون. انهن اخبارن ۽ رسالن جي جاري ٿيڻ ڪري، سنڌي صحافت ۽ ادب کي ڪافي اوڄ ملي.
هن نالي سان ضلعي ۽ تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ ديھہ پڻ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
ٽنڊو غلام حيدر، لقمان، ميان سليمان دل، احمد سومرو، گل نظاماڻي، نواب جي اوطاق، ويشو پٽيل ڪولهي، ڦوٽو پٽيل ميگهواڙ ۽ محرم لغاري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو