ٽنڊو طيب: ٽنڊو طيب حيدرآباد شھر جي اڀرندي پاسي ۾ الھداد چنڊ جي ڳوٺ جي ويجهو آباد آهي. ميان محمد طيب، مير محمد نصير خان ٽالپر جو خدمتگار هو. هن جي پيءُ جو نالو حاجي احمد خدمتگار هو ۽ اهو مير فتح علي خان ٽالپر جي خاص خدمتگارن مان هڪ هو. مير فتح علي خان هن کي حيدرآباد جو قلعو فتح حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. طيب خدمتگار مياڻيءَ جي جنگ ۾ شامل هو. هن وقت هتي چڱي خاصي آبادي آهي، جنهن ۾ گهڻائي شيدين جي آهي.