ٽنڊو آدم

ٽنڊو آدم: ضلعي سانگهڙ جو هڪ مشھور شھر ۽ تعلقو، جيڪو حيدرآباد شھر کان 43 ميلن جي مفاصلي تي، مين ريلوي لائين تي واقع آهي. هتي وڏي ريلوي اسٽيشن آهي. هن شھر جو بنياد 18 صدي عيسويءَ ۾ مير آدم خان مريءَ رکيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هتي ڪيتريون صنعتون قائم ٿيڻ سبب، شھر جي رونق وڌي وئي آهي. انهن صنعتن ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا، ماچيس فئڪٽريون، هڏن جو ڪارخانو، ڪپھہ ٽاڻڻ ۽ کنڊ ڊاهڻ جا ڪارخانا آهن. هتان جون پڪل گوشت جون رانون ملڪان ملڪ مشھور آهن. نيو علي ڳڙھہ ڪاليج هتي جو معروف تعليمي ادارو آهي. حيدرآباد کان نواب شاھہ ريلوي لائين جي مشھور اسٽيشن ۽ جنڪشن بہ آهي، ڪنهن وقت ٽنڊي آدم کان هالا، سعيد آباد ۽ پڊعيدن لائين تائين، ريل گاڏي بہ هلندي هئي، جيڪا هاڻي بند ٿي وئي. سنڌ جو مشھور گويو استاد منظور علي خان بہ ٽنڊي آدم ۾ رهندو هو ۽ اتي راڳ جي رياضت جو اسڪول قائم ڪيائين، جتان ڪيترائي شاگرد ڪامياب ٿي نڪتا. نامياري محقق عبدالله خان ورياھہ جو تعلق بہ هن شھر سان هو. آدم خان مريءَ جو ٽنڊو (ٽنڊو آدم) شھر نہ رڳو صنعت ۽ تجارت ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، پر تعليم جي ميدان ۾ بہ گهڻو اڳتي آهي. هن شھر ۾ هن وقت ٻہ ڊگري ڪاليج، هڪ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج، اٺ هاءِ اسڪول، چار مڊل اسڪول ۽ ڪيترائي پرائمري ۽ ڪي جي (K-G) اسڪول آهن، جن جو وچور هن ريت آهي:
ڪاليج: (i) گورنمينٽ نيو علي ڳڙھہ ڪاليج، ٽنڊو آدم. (ii) گورنمينٽ گرلز ڪاليج، ٽنڊو آدم. (iii) مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج، ٽنڊو آدم.
هاءِ اسڪول: (i) شاھہ عبداللطيف گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (ii) سر سيد گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (iii) جامعہ مليه گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (iv) فاطمہ جناح گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (v) مولانا محمد علي جوهر ميونسپل هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (vi) حاجي روشن الدين بوائز هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (vii) حاجي روشن الدين گرلز هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم. (viii) حوا پبلڪ هاءِ اسڪول، ٽنڊو آدم.
مڊل اسڪول: (i) شاھہ عبداللطيف گرلز مڊل اسڪول، لڳ جمن شاھہ جتي. (ii) مرزا قليچ بيگ گورنمينٽ بوائز مڊل اسڪول، جٽيا پاڙو. (iii) مرزا قليچ بيگ گورنمينٽ گرلز مڊل اسڪول، جٽيا پاڙو.
ديني درسگاهون:
مدرسہ عربيه مدينة العلوم: هيءُ مدرسو 1907ع ۾ قائم ٿيو. حضرت مولانا محمودالحسن راڻيپوريءَ هن مدرسي جي پيڙھہ جو پٿر رکيو.
مدرسة البنات: هيءُ ڇوڪرين جو مدرسو 1994ع ۾ قائم ٿيو. اندرون سنڌ ۾ هيءُ پهريون مدرسو آهي، جنهن ۾ وفاق المدارس جي نصاب مطابق نياڻين جي عربي تعليم جو انتظام آهي، جنهن جو انتظام حافظ عبدالحق جي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ٿيو آهي.
مدرسہ تعليم القرآن: هي مدرسو ملڪ امام الدين ’شوقين‘ جي تعاون ۽ خرچ سان تيار ٿيو، جتي حفظ ۽ ناظره قرآن مجيد جي تعليم ڏني ويندي آهي.
دارالعلوم فريديه: مولوي محمد عليءَ جي نگرانيءَ ۾ هيءُ مدرسو هلي رهيو آهي، جنهن ۾ حفظ ۽ ناظره قرآن جي تعليم ڏني وڃي ٿي.
مدرسہ سيد محمد آفاق: هيءُ مدرسو قرآن شريف جي ابتدائي تعليم جو مدرسو آهي، جنهن جو بنياد مرحوم سيد محمد آفاق سال 1965ع ڌاري رکيو. هيءُ مدرسو ڪاليج ڪئمپس اندر مسجد ۾ آهي، جتي پهريائين مرحوم سيد محمد آفاق صبح جي وقت ٻارن کي قرآن شريف پڙهائڻ شروع ڪيو هو. سندس وفات بعد اهو مدرسو ساڳئي هنڌ اڄ بہ جاري آهي.
مدرسہ جامعة العلوم مهديه (اهل تشيع) ٽنڊو آدم: هيءُ مدرسو سال 1993ع ڌاري قائم ٿيو، جيڪو شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ، ”جامع مسجد شيعه، ٽنڊي آدم“ جي پيش امام مولانا علي محمد مريءَ جي ڪوشش سان چوٿين آگسٽ 1993ع تي قائم ڪيو ويو. هيءُ مدرسو ناريجا ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ ورتل پلاٽ تي قائم آهي.
مدرسہ ندوت العلوم جامع مسجد ختم نبوت ٽنڊو آدم: هن مدرسي جو بنياد سال 1951ع ۾ پيو. هن مدرسي جو قائم ڪندڙ مولانا مفتي محمد شفيع ”مفتي اعظم پاڪستان“ هو. هن مدرسي مان قرآن پاڪ جا ڪيترائي حافظ پيدا ٿيا. هيءُ مدرسو هن وقت جامع مسجد ختم نبوت، ٽنڊي آدم جي خطيب مولانا حماديءَ جي اهتمام هيٺ هلي رهيو آهي.
مدرسہ عربيہ قاسم العلوم: هيءُ مدرسو سال 1976ع ۾ قائم ٿيو. هن مدرسي جو بنياد وجهندڙ مولانا عبدالله درخواستي هو ۽ باني حافظ گل محمد ٽالپر هو، جو 25 آڪٽوبر 1996ع تي وفات ڪري ويو، جنهن کان پوءِ ان جو اهتمام حاجي جي هٿ هيٺ هو.
مدرسہ تعليم القرآن: هيءُ مدرسو سال 1989ع ۾ قائم ٿيو. هن مدرسي جو باني ۽ مهتمم قاري عبدالهادي هو.
مدرسہ دارالعلوم ختم نبوت: هيءُ مدرسو سال 1991ع ۾ وجود ۾ آيو. سندس باني ۽ مهتمم مفتي حفيظ الرحمان ۽ سرپرست اعليٰ مولانا حمادي آهن.
مدرسہ عربيه محمديه، ڳوٺ سچيڏنو ورياھہ: هن مدرسي جي ابتدا 8 صفر سال 1361ھہ/ 1943ع ۾ ٿي. هن مدرسي ۾ اٺن سالن تائين قرآن شريف جو حفظ، ناظره تعليم ۽ مولانا فتح محمد سيوستانيءَ جي مذهبي ڪتابن، تاريخ ۽ جاگرافيءَ وغيرہ جو درس ڏنو ويندو هو ۽ ڏهين رجب سال 1369 ھہ/ 1951ع کان وٺي هن ۾ عربي تعليم شروع ڪئي وئي، جا هن وقت تائين جاري آهي.
هن نالي سان ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ٽنڊي آدم ۾ هڪ ديھہ موجود آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: محمد خان لنجواڻي، فقير محمد شريف، ڪرنل محمد حنيف، محمد فاروق، عبدالشڪور، حاجي محمد علي راڄڙ، سائين ڏنو خاصخيلي ۽ مٺو خان مري.


لفظ ٽنڊو آدمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو