ٽنڊوڄام

ٽنڊوڄام: هيءُ شھر ارغونن جي دور ۾، نصرپور واري ڍوري جي ڪپ تي، ڄام هالي ٻڌايو هو، جڏهن درياھہ کٽياڻن وٽان وهندو هو. هن کي پهريائين ”ڄام هالي جو ٽنڊو“ سڏيندا هئا. هي حيدرآباد کان 10 ميلن جي فاصلي تي آهي ۽ ميرپورخاص روڊ لڳ ريلوي لائين تي آهي. هتي ائٽمي توانائيءَ جو مرڪز آهي. جڏهن تہ زرعي يونيورسٽي، زرعي انجنيئرنگ ورڪشاپ، سينٽرل وٽرنري ڊائيگناسٽڪ ليبارٽري، ڊرپ ڪئمپس، زرعي تحقيقي، رورل هيلٿ سينٽر، نئشنل چيئريٽي اسپتال، ڪپڙي جي مل ۽ لوڪل گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ پڻ آهن. هتي اٽي پيهڻ، ڪپھہ ٽاڻڻ ۽ زرعي سامان ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. هن شھر جي رونق ۽ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. علمي ادبي حوالي سان پڻ هيءُ شهر، حيدرآباد ضلعي جو اهم شھر آهي. ناميارو هاري اڳواڻ ۽ اديب ڪامريڊ مير محمد ٽالپر هن شھر جو آهي. سندس استاد جنهن کي هن سنڌ جو بھترين استاد لکيو آهي، سائين محمد يعقوب ”نياز“ ميمڻ پڻ هتان جو هو، جنهن ٽنڊي ڄام ۾ نياڻين جي تعليم جو پايو وڌو. سندس اولاد مان سراج ميمڻ ۽ ڊاڪٽر فھميدہ حسين سنڌ جا ناليوارا ليکڪ ۽ دانشور آهن. ٻارن جو مشھور ليکڪ اسرار شام بہ هتان جو آهي. علمي ادبي لحاظ کان پڻ هي شھر منفرد حيثيت رکي ٿو. هن وقت هتان ٻارڙن جا چار ماهوار رسالا نڪري رهيا آهن، جن ۾ ماهوار ”گلڙا“ ۽ ماهوار ”روشن دنيا“ قابل ذڪر آهن. هتي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ جدا جدا پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهن. ان کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي ادبي، سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. ناميارو اديب ۽ ٽنڊي ڄام ڪاليج جو اڳوڻو پرنسپال ڊاڪٽر گل حسن لغاري پڻ هن شھر جو رهاڪو هو. پير امجد شاھہ جيلاني، سيد علي نواز شاھہ ۽ عبدالستار بچاڻي، وقت بوقت هتان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊبا رهيا آهن.


لفظ ٽنڊوڄامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو