ٽَلو2: درياھہ ۾ لوڙهيل ٿلهن بندن يا ڪاٺين جو سَٿو، جيڪو رسن سان ٻڌي درياھہ ۾ لوڙهي ڇڏبو. جنهن پتڻ يا منزل تي اهي ڪاٺ ڪڍڻا هوندا، تہ گهلي آڻي ڪپر سان لائبا. ڏاند وغيرہ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل وڏو چڙو بہ ٽلو سڏبو آهي.