ٽانڊاڻو/ کڙکٻيتو

ٽانڊاڻو/ کڙکٻيتو

ٽانڊاڻو

ٽانڊاڻو: هڪ قسم جو اڏامندڙ جيت، جنهن کي عام طرح کڙکٻيتو بہ چون، جنهن جي پٺ ۾ کنڀن جي هيٺان اهڙو مادو هوندو آهي، جيڪو رات جي اونداهيءَ ۾ چمڪندو آهي، جنهن ڪري ماڻهو سمجهندا آهن تہ ان جي کنڀن هيٺان روشني لڪل هوندي آهي، جيڪا کنڀ کولڻ سان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هي جيت ٿوري ٿوري دير کان پوءِ کنڀ کوليندو آهي. هن جيت کي ’لڇم‘ ۽ ’چاسينگر‘ بہ چون ٿا. اردوءَ ۽ هنديءَ ۾ ”جگنو“ چون. وڌيڪ: ڏسو ”کُڙکُٻيتو“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو