ٽالپر، مير علي احمد خان وارو قلمي نسخو (ڪتاب ):ڪاتب هيءُ رسالو سھڻي پڪي صورتخطي ۾ لکيو، البت نظر ڀل مان ”بلاول و صبحي“ ۽ ”ڍول مارو“ ٻہ ڀيرا لکيائين. هن جا ڪي ورق ضايع ٿي ويا آهن، انهيءَ ڪري بيتن ۽ واين جو اصل تعداد متعين ڪرڻ مشڪل آهي. موجود متن جنهن ۾ عنوانن جي لحاظ سان 29 سر آهن تن ۾ 2064 بيت ۽ 111 کن وايون آهن. اصل آخر وارا ڪي ورق پڻ ضايع ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ڪتابت جو سنہ سال معلوم ڪرڻ مشڪل آهي. ان کان وڌيڪ مشڪل مسئلو اهو آهي جو هن قلمي نسخي جي نئين سر جلد بندي سببان سرن جو اصلوڪو سلسلو قائم نہ رهيو آهي ۽ ”سر ڪلياڻ“ (ائين انهيءَ عنوان سان) منڍ ۾ رکيل آهي، پر ان جي پويان سرود جمن، سرود کنڀات، سرود سرراڳ، سرود سامونڊي ۽ سرود سھڻي لاڳيتا هڪ ٻئي پٺيان لکيل آهن. جزبندي ۾ اهڙي ترتيب سببان گمان ٿئي ٿو تہ شايد هي رسالو ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ رسالن جي سلسلي مان هجي. ڪاتب ڀ، د ۽ ڄ اکر بہ ائين پوئين دور واري صورتخطي مطابق لکيا آهن. ٻئي طرف اهو چئي نٿو سگهجي تہ ”ڪلياڻ کان سھڻي تائين“ سرن وارا جز، اصل نسخي جي شروع ۾ لکيل هئا يا وچ ۾ هئا. ٻيو تہ ”سرود ڪلياڻ“ جي شروعات واري صفحي تي اهڙو ڪو اهڃاڻ ڪونهي تہ ڪو رسالو اتان ٿو شروع ٿئي. موجودہ صورت ۾ جيڪو سڄو سربستو سر شروع ۾ رکيل آهي سو آهي ”سرود سسئي“ ۽ ان صفحي تي مٿان هيٺين عبارت لکيل آهي جنهن مان تصديق ٿئي ٿي تہ هي رسالو ”سر سسئي“ سان شروع ڪيل آهي:
”اين رساله تصنيف شاھہ صاحب قدوة الاولياء
شاھہ صاحب مخدوم سيد شاھہ عبداللطيف رحمة ﷲ عليہ قدس اسراره“.
سر ”سسئي“ جو پهريون بيت هي آهي:
”پرتوو پنوه جو جهڙ جئن جهالا ڏي
آءُ تہ آري کي وٺئو راه روئان گهڻو.“
ٻيو تہ سر ”سسئي“ پنجن جدا سرن ۾ ورهايل آهي پر جيڪو سر آهي، جنهن جي بيتن جو سلسلو مٿئين منڍ واري بيت کان وٺي اڳتي، آڳاٽن رسالن (برٽش ميوزم، ڪپتان اسٽئڪ، درسگاه منصوره وغيرہ) ۾ آيل سر سسئي جي بيتن واري ترتيب سان ملي ٿو.