ٽالپر، مير سهراب خان: مير سهراب خان ولد مير چاڪر خان خيرپور جي حڪومت جو باني هو. هي مير فتح علي خان جي والد، مير صوبدار خان جو سڳو سؤٽ هو. سندس جنم سن 1156ھہ بمطابق 1745ع ۾ ٿيو. سندس چاچي مير بھرام خان جي شهادت وقت هي 33 سالن جو جوان هو. ان کان پوءِ ٽالپرن جا ڪلهوڙن ۽ ٻين ذاتين سان جيڪي بہ مقابلا ٿيا، تن سڀني ۾ شريڪ ٿي، پنھنجي شجاعت جا جوهر ڏيکاريائين. هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو آيو. ان جنگ ۾ مير سهراب خان اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جو فاتح بڻيو. مگر مير فتح علي خان جي ماتحتيءَ ۾ رهڻ بدران پنهنجا راڄ وٺي خيرپور ۾ الڳ حڪومت قائم ڪيائين. انهيءَ ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پئي، ايتري قدر جو ڪافي وقت تائين هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا. نيٺ ٽالپرن ۽ ٻين اميرن وچ ۾ پئي ٻنهي جو صلح ڪرايو ۽ مير فتح علي خان سن 1793ع ۾ خيرپور جي خودمختيار حڪومت کي تسليم ڪيو. ان کانپوءِ مير سهراب خان ۽ حيدرآباد جا مير هڪ ٻئي سان هميشہ ساٿ ڏيندا رهيا.
هنن ئي ڏينهن ۾ افغانستان جو بادشاھہ شجاع الملڪ ٻہ دفعا يعني 1803ع ۽ 1814ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو، پر ٻئي دفعا خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن گڏجي سندس مقابلو ڪيو. سن 1817ع ۾ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهہ جي ڪاھہ جو افواھہ ٻڌي ٻنهي حڪومتن جا لشڪر شڪارپور پهچي ويا، پر انگريزن جي معرفت صلح صفائي ٿي وئي. ان کان سواءِ بھاولپور جي نواب کان سبزل ڪوٽ وارو پرڳڻو ۽ جوڌپور جي راجا کان عمر ڪوٽ جو قلعو بہ گڏجي ورتائون. مير سهراب خان درياھہ پار ڪري پٺاڻن جا موغليءَ وارا علائقا هٿ ڪيا. ان کان سواءِ بڙدڪيءَ جو پرڳڻو، روپاھہ، چڪ، مزارچا، محمدا باغ، شاھہ ٻيلي، بکر، سھڪجي ۽ ڪلواڙي تي بہ قبضو ڪيائين. مير صاحب 27 سال شان ۽ شوڪت سان حڪومت هلائي. 1811ع ۾ گوشه نشين ٿي پنھنجي پڳ پنھنجي وڏي پٽ مير رستم خان جي حوالي ڪيائين.
مير سهراب خان کي ٽي گهر واريون هيون. هڪڙيءَ مان مير رستم خان ۽ مير غلام حيدر خان، ٻيءَ مان مير مبارڪ خان ۽ مير چاڪر خان ۽ٽينءَ مان ننڍي ۾ ننڍو مير علي مراد خان ٿيو. پنھنجي وفات کان ٻہ سال اڳ تاريخ 4، ذوالقعد 1244 هجري بمطابق 1829ع تي هڪ وصيت نامو لکي، پنھنجي اپت ٽنهي گهر وارين جي اولاد لاءِ هڪ جيتري مقرر ڪيائين ۽ مير رستم خان کي پڳ جي ڪري وڌيڪ حصو ڏنائين. مير صاحب وڏو داناءُ ۽ دورانديش، ڪرڙو ۽ ڊگهي نظر وارو حاڪم هو. جڏهن حيدرآبادي ميرن شجاع الملڪ سان معاهدو ڪيو، تڏهن سندن عقل تي افسوس ڪندي چوندو هو: ”بادشاهي ڪم هلائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهي مير پنهنجو وعدو پورو ڪري نہ سگهندا ۽ اجايو پاڻ کي بدنام ڪري، بيوفائيءَ جو عذاب سهندا رهندا.“ هن کي افغانستان جي بادشاھہ وٽان ”شاھہ ناظر سنڌ“ جو لقب مليل هو. هو جيستائين جيئرو رهيو، تيستائين انگريزن جهڙي طاقت کي خيرپور جي حڪومت ۾ دست اندازي ڪرڻ نہ ڏنائين؛ حالانڪہ حيدرآبادي ميرن انگريزن سان ٻہ ٽي معاهدا بہ ڪيا هئا. هڪ دفعي بارش پئي پئي ۽ مير صاحب پنھنجي محلات جي دريءَ مان گهوڙن جي ڪڙھہ ڏانهن ڏسي رهيو هو، تہ اوچتو سندس پير ترڪي ويو ۽ اتي ئي ڪري پيو ۽ دم ڏنائين. سندس وفات جو سال 1246 ھہ بمطابق 1830ع آهي.
1745.00.00 عيسوي
مير سهراب خان سن 1156هه بمطابق 1745ع ۾ پيدا ٿيو
1830.00.00 عيسوي
مير سهراب خان 1246 هه بمطابق 1830ع ۾ وفات ڪئي