قلمي قرآن مجيد

قلمي قرآن مجيد

ٽالپر دؤر جي لکيل قلمي مثنوي

ٽالپر دؤر جي لکيل قلمي مثنوي

ٽالپرن جو ڪتبخانو

ٽالپرن جو ڪتبخانو: حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن جو ڪتب خانو ٽنڊي مير نور محمد خان (لطيف آباد نمبر-4) ۾ آهي. ٽالپر اميرن کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. هنن لاءِ هي ڳالهه مشهور آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مير صاحب وٽ ڪو نئون قلمي ڪتاب ايران، عرب، مصر يا ٻئي ڪنهن هنڌان ڪير کڻي ايندو هو ته مير صاحب اهو خريد ڪري پنهنجي ڪتبخاني ۾ رکندا هئا ۽ ٻيا مير صاحب انهيءَ ڪتاب جو نقل ڪرائي پنهنجي پنهنجي ڪتبخاني ۾ رکندا هئا.انگريزن جتي فريب سان کانئن حڪومت کسي اتي سندن ناياب قلمي ذخيرو به لٽي کڻي ويا. ان حد تائين جو جيڪي ڪتاب ميرن قيد ۾ پڙهڻ لاءِ پاڻ سان گڏ کنيا هئا، سي به کانئن زوريءَ ڦري ويا. انهن ڪتابن مان ڪي خاص نسخا ۽ ڪجهه مصوريءَ جا ڪتاب پڻ هئا، سي انگريز ولايت کڻائي ويا. نيلام ڪيائون ۽ وڏين ڪوششن کان پوءِ کين مليا.
مير صاحب مختلف ڪتابن جا نقل ڪرائي پنهنجي ڪتبخاني ۾ اضافو ڪندا هئا. انهن ۾ هڪ ته ڪتاب ”رياض الشعرا“ مصنف علي واله داغستانيءَ به هو، جيڪو مير فتح علي خان لکارايو هو. جنهن جو نقل مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير نور محمد خان ڌار ڌار ڪرايو هو. اهڙي طرح ڪيترن ڪتابن جا ٽي ٽي يا چار چار نسخا ڪرايا ويا ٿي.
مير صوبدار خان پنهنجي قلمي ديوان جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته منهنجا ٽي ديوان گم ٿي ويا، هي چوٿون ديوان آهي.
مير صاحبن ڪتابن رکڻ لاءِ خاص ڪافور جي ڪاٺ جون پيتيون ٺهرايون هيون، جن ۾ ڪافور جون گوريون وجهي رکندا هئا. مير صاحبن جي تصنيفن کان سواءِ هيٺيان ناياب قلمي ڪتاب سندن ڪتب خاني ۾ اڄ به موجود آهن. جن جي سار سنڀال مير حيدر علي خان ٽالپر ڪندو پيو اچي.
ميرن جي ڪتبخاني ۾ ڪيترا ڪلام مجيد جا نسخا جدا جدا سائيز جا، مختلف قسم جي ڪاغذن تي لکيل موجود آهن، جن جي تحرير جي خوبصورتي ۽ نقش نگاري ڪمال جي آهي. انهن جي جلدن تي ايراني گلڪاري به ڏاڍي دلڪش آهي. هڪ قرآن پاڪ جو جلد چندن جي ڪاٺ جو ٺهيل هو، جنهنڪري قرآن کلڻ سان ان جي خوشبوءَ دماغ معطر ڪري ڇڏيندي آهي.
قرآن پاڪ: ميرن جي ڪتبخاني ۾ هيٺيان قرآن پاڪ، حديثن، تفيسرن تي مواد موجود آهن.
(1) ڪوفي خط ۾ لکيل قرآن پاڪ، جنهن تي مير صاحبن ۽ ڪلهوڙن جو عهدنامون لکيل هو. هي قرآن پاڪ حضرت علي عليه السلام جو لکيل چيو وڃي ٿو، پر اُن تي سن لکيل ڪو نه آهي، جڏهن ته اُن تي ڪيترن عالمن جون تصديقون موجود آهن.
(2) قرآن ڪريم ڪلان: هي ميان نور محمد ولد ميان يار محمد عباسي (ڪلهوڙي) جي دور جو آهي. جنهن جو ڪاتب سيد محمد جعفر ولد سيد محمد باقر الحسني هو، جنهن ماه شعبان 1164 هجري/ 1750 عيسويءَ ۾ لکيو.
(3) قرآن ڪريم بامعنيٰ: هي قرآن شاھه ايران، مير ڪرم علي خان کي تحفي طور موڪليو هو. جنهن جو ڪاتب ميرزا ڪوچڪ ”وصال“ شيرازي، 1240 ھه/ 1824عيسوي هو.
(4) ڪلام پاڪ معنيٰ سان: ڪاتب خواجه مرتضيٰ علوي الهروي، 1182ھه/ 1768عيسوي.
(5) قرآن مجيد ڪلان: هي قرآن سڄو ڳاڙهي مس سان لکيل هو، جنهن جو ڪاتب سيد علي سيد حسن شيرازي، 1252هه/ 1836عيسوي هو.
(6) قرآن پاڪ: ڪاتب حافظ محمد جيئند هالاڻي، 1250هه/ 1834عيسوي هو.
(7) قرآن مع تفسير: حافظ محمد وارو.
(8) قرآن پنجه هزاري مع تفسير.
تفسير-حديث ۽ تاريخن جا ڪتاب: ”تفسير جواهر البصير“ 1044هه (1634ع)، ”تفسير خلاصة النهج“ هن تي اورنگ زيب بادشاهه جي صحي ٿيل آهي 1088هه (1677ع)، تفسير حسيني 1100هه (1688ع)، تفسير ملا فتح الله الڪاشي 1112هه (1700ع)، تفسير ڪبير وغيره.
ديوان حضرت علي عليه السلام 909 هه (1503ع)، نهج البلاغته 1000هه (1591ع)، صحيفه سجاديه 1010 هه (1601ع)، غنية الطالبين 1189 هه (1775ع)، صحيح مسلم عربي، صحيح بخاري عربي، صواعق، محرقه ، بهار الانوار، معارجاالنبر، تاريخ فرشته، طبري، توزڪ تيموري، ظفر نامه، تيمور گو رگان، اڪبر نامه، آئين اڪبري، اقبال نامه، جهانگير، فتوحات صاحب قرآن مصور، دهه ساله عالمگير، وقايع بادشاهان، گلبرگ، مرات سڪندري، بادشاهه نامه وغيره.
مصوري ۽ منقش ٿيل خوشخطيءَ جا بهترين ڪتاب:
ڪليات جامي ٻن جلدن ۾ 882 هه (1477ع)، جنهن تي شاهه جهان ۽ اورنگزيب جون صحيون ۽ مهرون لڳل آهن. گلستان سعدي باتصوير 969هه (1561ع)، ديوان حافظ باتصوير 980 هه (1572ع)، رامائن (مصوريءَ جو شاهڪار هن ۾ پهرين جهانگير جي رنگين تصوير ڏنل آهي.)؛ سلسلة الذهب جامي 942 هه (1535ع)، حديقته الحقايق مصور 1012 هه (1603ع)، مثنوي مولانا روم 1098هه (1686ع)، ليليٰ مجنون، خسرو سيرين، هفت پيڪر، سڪندر نامو وغيره.
تذڪرا: تذڪره شعراءِ فارس، آتش کده لطف علي آذر؛ تذڪره حسيني؛ رياض الشعرا؛ تذڪره غلام علي بلگرامي؛ محڪ خسروي؛ محڪ محسن؛ محڪ فخري؛ مقالات شعرا؛ تڪمله مقالات شعرا وغيره موجود آهن.
ديوان فارسي ۽ اردو: ديوان خاقان؛ ديوان صبا؛ ديوان قاسمي؛ ديوان ظهوري؛ ديوان نظيري؛ ديوان وصال؛ ديوان فرخي؛ ديوان آذر؛ ديوان جامي؛ ديوان صائب؛ ديوان امير خسرو؛ ديوان بيدل؛ ديوان غالب؛ ديوان حسن دهلوي؛ ديوان جرات؛ ديوان انوري؛ ديوان پيام؛ ديوان مير؛ ديوان سودا؛ ديوان انشا؛ ديوان عطار؛ ديوان نيازي؛ ديوان جعفر زٽلي؛ ديوان طالب؛ ديوان ڪليم؛ ديوان نعمت خان عالي؛ ديوان فيضي؛ ديوان جويا؛ ديوان ناظم وغيره هن ڪتبخاني ۾ موجود آهن.
سنڌ جي شاعرن ۽ نثر نويسن جا ڪتاب: چچ نامو، تاريخ طاهري، تاريخ معصومي، بيگلارنامه، تحفته الڪرام، تاريخ بلوچي مصنف عبدالمجيد مجيدي جوکيو. ڪلهوڙهءِ نامه (ظفر نامه) سيد ثابت علي شاهه فارسي نظم ۾، ”تذڪره نغز (نامه نغز)“ مصنف باغ علي، حمله حسيني از محمد محسن ٺٽوي، ديوان محسن ٺٽوي، مختار نامه، علي شير قانع ٺٽوي، ديوان قانع، ديوان عظيم، فتح نامه سنڌ عظيم ٺٽوي، ۽ ٻيا ڪتاب ۽ ديوان، جهڙوڪ: (1) ديوان سرفراز عباسي فارسي؛ ڪاتب ميان محمد عالم بن محمد پناهه (1187هه/1773ع). هن ديوان جي پهرئين پني تي ميان غلام شاهه جي شادي، جيڪا ڪڇ جي راجا جي نياڻيءَ سان ڪئي هئائين. ان جو ذڪر آهي ۽ ان کان پوءِ ميان غلام شاهه جي وفات جي تاريخ لکيل آهي. مٿين ڪتابن کان سواءِ ٽالپرن جي ڪتب خاني ۾ ڪيئي ايراني ۽ هندوستاني تاريخي ڪتاب موجود آهن. سندن ڪتب خاني ۾ هٿيار، قيمتي جواهرن مان ٺهيل پيتيون ۽ رحل به موجود آهن. ايران جي عالم ڊاڪٽر قاسم صافي، ٽالپرن جي ڪتبخاني جي فهرست تيار ڪئي آهي. هي فهرست اسلام آباد مان 2005ع ۾ ڇپي آهي. ان موجب ٽالپرن جي ذخيري ۾ اڄ به 167 قلمي ڪتاب موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو