ٽاريءَ وارو ٺيڪراٺو

ٽاريءَ وارو ٺيڪراٺو: هي دڙو، ديھہ جاکير، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ۾ بزرگ علي اصحابوءَ جي تربت کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي، ديھہ ”بصيرو“ ۾ آهي. چون ٿا تہ ڪنهن زماني ۾ هتان درياھہ وهندو هو ۽ اُتي هڪ مياڻي هوندي هئي. اڄڪلھہ هن ماڳ کي ”ٽاريءَ وارو“ ٺيڪراٺو ڪوٺين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو