ٻگرو

ٻَگِرو: گاھہ جو ھڪ قسم. ٿر ۾ ھيءُ ٻوٽو ھر ھنڌ ٿئي ٿو، پر نرم زمين ۾ گهڻو ٿيندو آھي. مريڙي ۽ للر کان گهڻو پکڙيل ٿيندو آھي. ان جي ڏانڊي اڇي رنگ جي پر ڦيڦي ٿئي ٿي. منجهس اڇي رنگ جا وڻندڙ گل ٿيندا آھن، جن مان ڦريون ڦٽي نڪرنديون آھن. پن ۾ پنج ڦاڪون ٿينديون اٿس. ان ۾ سائي رنگ جون ڦريون بہ ٿين، جيڪي پچڻ بعد ناسي رنگ جون ٿين ٿيون، جن جي ڀاڄي، ٿري ماڻھو شوق سان کائيندا آھن. اٺ، ھن ٻوٽي کي چاھہ سان کائيندو آھي ۽ ٻيو چوپايو مال بہ کائي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو