
ٻڌاءِ ته سهي
ٻُڌاءِ تہ سھي (ڪتاب ):سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ”ٻارن لاءِ سنڌيڪا سيريز“ هيٺ، ڊبل ڪرائون سائيز جا 24،24 صفحن جا پنج ڪتابڙا هيٺين عنوانن سان ڇپايل آهن. (1)ٻي مخلوق ڪيئن ٿي رهي؟ (2) شين جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ (3) بنيادي سائنس، (4) ڪائنات جو مطالعو وغيرہ.
هنن ڪتابن ذريعي ٻارڙن کي آسان زبان ۾ سائنسي ڄاڻ سيکاري وئي آهي. هنن ڪتابڙن جو سهيڙيندڙ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو باني نور احمد ميمڻ آهي ۽ هر ڪتابڙي جو مُلھہ 20 روپيا رکيو ويو آهي. هنن ڪتابن جو پهريون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپيل آهي .