ٻٻر لوءِ وارو قلعو

ٻٻر لوءِ وارو قلعو

ٻٻر لوءِ وارو قلعو

ٻٻر لوءِ وارو قلعو: هي قلعو ضلعي خيرپور ميرس جي ٻٻرلوءِ شھر ۾ واقع آهي. هي قلعو گهڻو آڳاٽو ٺهيل معلوم ٿئي ٿو، جيڪو ڪچين سرن ۽ چيڪي مٽيءَ جو ٺهيل آهي. قلعي جي پکيڙ اٽڪل چار ايڪڙ آهي، ديوارون ڏھہ فوٽ ويڪريون ۽ پندرنهن کان ويھہ فوٽ اوچيون آهن. قلعي جي اندر گهر ٺاهيا ويا آهن، جنهن سبب قلعي جي اصلوڪي حالت تقريباً ميسارجي چڪي آهي. قلعي جون ديوارون ڪري پيون آهن، باقي رهيل حصو پڻ خستہ حالت ۾ آهي. روايتون آهن تہ مغل بادشاھہ نصيرالدين بابر جڏهن سنڌ ۾ هن هنڌ تي آيو، تڏهن بہ هيءُ قلعو موجود هو. قلعي بابت هينئر تائين مستند تحقيقي مواد حاصل ڪونه ٿيو آهي، پر هي قلعو سنڌ جي ٻين جنگي لحاظ کان ٺاهيل قلعن وانگر معلوم ٿئي ٿو. قلعي جي اندرئين آباديءَ جي رهائش سبب قلعي جي ديوارن کي نقصان پهتو آهي، ديوارن ۾ سرن جا ٿنڀ وغيرہ ڪڍي در هنيا ويا آهن. ديوارن جي پيڙھہ ۾ گند ڪچري اڇلائڻ سبب ۽ بارش توڙي نيڪال جي پاڻيءَ جي نالين سبب ديوارون پيڙھہ کان کاڄي ويون آهن، جن جي ڪرڻ جو خدشو آهي. قلعي ۾ اندر کجين جا وڻ آهن، ٻاهرئين طرف آبادي آهي. قلعي جي سنڀال لاءِ توڙي معلومات لاءِ سياحت ۽ قديم آثارن واري کاتي پاران ڪنهن بہ قسم جا سائن بورڊ وغيرہ پڻ لڳل ڪونه آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو