ٻٻراڻو

ٻٻراڻو: هي هڪ ديھہ جو نالو آهي، جيڪا ڪراچي تعلقي ۽ منگهي پير تپي ۾ آهي. موجودہ نيو ڪراچيءَ جو سمورو علائقو ۽ نارٿ ڪراچيءَ جو ڪجهہ حصو ڪنهن وقت ۾ ٻٻراڻو نالي مشھور هوندو هو. هن علائقي تي اهو نالو ان ڪري پيو، جو هتي ”ٻَٻرُن“ جا تمام گهڻا وڻ هوندا هئا، جيڪي ڳجهڙي ڍوري کان لياري واري نئن (وهڪري) جي ڪپ تي سورجاڻيءَ تائين هوندا هئا. ڳجهڙي ڍوري جي ڪپ کان سورجاڻي، مهيو، گڏاپ، شورينگ، موئيداڻ، ڪنڊ ۽ ڌريجي تائين مالوند ماڻهن جو هي گس هوندو هو. ٻٻرن جي وڻن جي گهڻائيءَ سبب پهرين ”ٻٻرن وارو“ ۽ پوءِ ٻٻراڻو سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ ديھہ تي نالو پيو .


لفظ ٻٻراڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو