ٻيڙو فقير ڪنڀار

ٻيڙو فقير ڪنڀار

ٻيڙو فقير ڪنڀار

ٻِيڙو فقير ڪنڀار: سنڌ جي برک سگهڙ ۽ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَرح جي سچي عاشق ٻيڙي فقير، محمد عثمان ڪنڀار جي گهر، ڳوٺ لقمان ڪوريجي، تعلقي هالا ۾، 1918ع ۾ جنم ورتو. غريب هئڻ ڪري گهڻو علم پڙهي نہ سگهيو. پنھنجي ڪوشش سان عالمن ۽ بزرگن کان فيض حاصل ڪيائين. ٻيڙي فقير کي لوڪ ادب جي سڀني صنفن بابت چڱي ڄاڻ حاصل هئي. ڳجهارت جو بادشاھہ ۽ ڳالهين جو ڳهير هو. سنڌ جو ڪوبه شهر، اهم هنڌ يا ماڳ هُجي، ٻيڙي فقير ضرور گهميو هوندو ۽ سموري تر جي علمي ادبي شخصيتن جي کيس خبرچار هوندي هئي. انتهائي مُحبتي ماڻهو هو .
سال 1960ع کان لوڪ ڪچهرين جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ سڄيءَ سنڌ جي ڪچهرين ۾ حصو ورتائين. ان دوران مرحوم محمد اسماعيل خان نون سان بہ سندس رفاقت ٿي. هو هڪ لائق صحافي بہ هو. هفتيوار ”ڪچهري“ اخبار شايع ڪندو رهيو. هن اخبار جو اصل مقصد لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ اُن کي محفوظ ڪرڻ هو. سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن جي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. ان کانسواءِ پنھنجي برادريءَ جي تنظيم جو پڻ صدر هو. 30 آڪٽوبر 1964ع ۾ حيدرآباد شھر جي ڪاري موري تڪ مان يونين ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائين. ٻيڙي فقير دل جي دوري پوڻ سبب 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر 60 ورهيہ هئي. حيدرآباد جي ڪاريءَ موريءَ جي ڀر ۾، ڦليليءَ جي ڪپ تي سندس مزار آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.00.00  عيسوي

ٻيڙو فقير، ڳوٺ لقمان ڪوريجي، تعلقي هالا ۾، 1918ع ۾ ڄائو.


1964.10.30  عيسوي

30 آڪٽوبر 1964ع ۾ حيدرآباد شهر جي ڪاري موري تڪ مان يونين ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائين.


1977.01.02  عيسوي

ٻيڙو فقير دل جي دوري پوڻ سبب 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاهري محمد ادريس
حال ﷲ ڪلهوڙو اول
حسين ساريو
آغا رفيق
اظهر گيلاني
فاروق بجاراڻي
جارج برنارڊشا
پارو شاھہ
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي
پيرل پياسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون