ٻيلهاڙو (ديھہ)

ٻيلهاڙو: ضلعي خيرپور جي تعلقي گنبٽ ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ست ڳوٺ آباد آهن: ’ٻيلهاڙو‘، ’ڪيڇي واهڻ‘، ’ڪوري‘، ’ڪيڇي واهڻ پنجابي‘، ’شيخ‘، ’يارو مرکنڊ‘، ’ماهي مرکنڊ‘ ۽ ’واحد بخش مرکنڊ‘. هتي مڊل ۽ پرائمري اسڪول موجود آهن .
هن نالي تعلقي ميرو خان ۾ هڪ ديھہ پڻ آهي، جنهن ۾ ’ٽنڊو شھداد‘، ’ماڳ‘، ’شيرمحمد چانڊيو‘، ’محمود آباد‘، ۽ ’آچر خان چانڊيو‘ ڳوٺ شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو