ٻيسڻ: شاديءَ جي ھڪ رسم، ٿر توڙي عمرڪوٽ ضلعي جي ھندن ۽ سماٽن ۾ جڏھن گهوٽ پھريون ڀيرو ساھري گهر ويندو آھي، تڏھن اتي گهوٽ لاءِ اڳواٽ ھڪ خوبصورت رلي وڇائي ويندي آھي، جنھن تي اچي گهوٽ ويھندو آھي، ليڪن ساليون بيٺيون ھونديون آھن، ايستائين، جيستائين گهوٽ ”گادي ويھڻ جا ٻول“ نہ چئي، گاديءَ جي ٻولن کي ’ٻيسڻ‘ چئبو آهي، جنھن جا ٻول مختلف ٿين ٿا، ڪجهہ ٻول ھن طرح آھن:
گادي گڍ گجرات ري، گونٿاڻي اجمير ،
ڦونڌا لاگا ميڙ تي، ھيرا جسلمير ،
ايک ڍڙاڙان انگڻي، ٻيجي ڍڙاڙان ٻھار ،
ٽيجي ڍڙاڙان چؤواٽي، چوٿي رواج دوار ،
سرچي ٻيسو سھيليان، ھيڪي گهٽ ھجار .
( گڍ گجرات جي گادي اجمير ۾ ٺھي، جنھن تي ٽؤنر، ٻاڙ مير ۾ لڳا ۽ ھيرا جيسلمير ۾ لڳا، ھڪ اڱڻ تي وڇايان، ٻي ٻاھر، ٽي چؤواٽي تي، چوٿين راجا جي دروازي تي، اي سھيليو! پاڻ ۾ سرچي ھڪ گهٽ ھزار ٿي ويھو.)