
ٻير جي ڍنگهري
ٻير جي ڍنگهري (ڪتاب ):هيءُ ناول (ڪتاب) مشھور مزاحيہ اديب علامہ مستاني سيوهاڻي، اصل نالو رحمت ﷲ ابڙي جو لکيل آهي، جيڪو سرمد پبليڪيشن ميهڙ پاران 1982ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪرائون سائيز جي 138 صفحن تي ٻڌل ناول جي قيمت 10 روپيا آهي. هن ناول ۾ انسان جي ذهني ڪشمڪش جي تصوير ڇڪي وئي آهي، جيڪي حرس ۽ هَوس جي پاڇن پويان ڊوڙي پنھنجي زندگيءَ کي غمگين ۽ شڪست خوردہ بنائين ٿا. هن ناول ۾ ليکڪ ڪردارن کي اگهاڙي ڪرڻ بدران زندگيءَ جي اوگهڙ ڍڪي آهي. هن محبت کي جنون جو درجو نہ بخشيندي، ڪردارن کي اگهاڙي جي بدناميءَ جو بچاءُ ڪيو آهي. ناول جي پُڄاڻي الميه ٿئي ٿي، پر ڪنهن حد تائين جاسوسي ناول جي شڪل اختيار ڪئي وئي آهي .