ٻوڏ

ٻوڏِ: جڏھن پھاڙن تان برف پگهرندي آھي تہ سمورو پاڻي درياهن ۾ اچي پوندو آھي ۽ جڏھن درياھہ ۾ وڌيڪ پاڻي اچي ويندو آھي تہ پوءِ پاڻي پنھنجي وھڪري کان ٻاھر نڪرندو ايندو آھي ۽ ڀرپاسي جي سموري ڌرتي، فصل ۽ آباديءَ کي ٻوڙي ڇڏيندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن پاڻي بچاءُ بند بہ ٽوڙي وجهندو آھي. دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ٻوڏ بنگلاديش ۾ ايندي آھي. ’ٻوڏ‘ کي ’اٿل‘، ’ليٽ‘ ۽ ’سيلاب‘ جي نالن سان بہ اچاريو ويندو آھي. ٻوڏون دنيا ۾ تباھيءَ ۽ برباديءَ جو سبب بڻجنديون آھن. سنڌ ۾ اھڙين ٻوڏن مان ھڪ تمام خطرناڪ ۽ تباھيءَ واري ٻوڏ لاڙڪاڻي ضلعي جي اولھہ ۽ ڏاکڻن تعلقن کي ھر ٻئي ٽئين سال پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندي ھئي. اڪثر ڏٺو ويو آھي تہ ٻوڏ جو سبب قدرتي طور تيز برساتن جي ڪري وجود ۾ اچي ٿو. جاگرافيائي لحاظ کان لاڙڪاڻي ضلعي جي اتر اولھہ ۽ اولھہ ڏکڻ ۾ بلوچستان صوبو آھي، بلوچستان جي جبلن ۽ نين جو لاھہ سنڌ واري علائقي ڏانھن آھي. جڏھن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام گهڻي برسات پوي ٿي، تڏھن ان برسات جو پاڻي جبلن تان ھيٺ لھي کيرٿر ۽ ڪاري جبل جي ڀر وٺي سنڌ جي ميداني علائقن ڏانھن رخ رکي ٿو. اول اھو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو، جيئن تہ حمل ڍنڍ کي اوڀر طرفان اھڙا مضبوط ۽ پڪا بند ٻڌل نہ آھن جنھنڪري وارھ، شھدادڪوٽ، قنبر ۽ ميھڙ تعلقا زبردست ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. حمل ڍنڍ کي اوڀر ۾ ٻہ بند ڏنل آھن، جيڪي ”ڪچي بند“ ۽ ”پڪي بند“ جي نالي سان مشھور آھن، پر اھي بند ايڏا مضبوط نہ آھن، جنھنڪري جڏھن بہ پاڻي ٿورو مٿي چڙھي ٿو، تڏھن اھي بند ڀڄي پون ٿا ۽ قنبر تعلقي جو ڪوھستاني علائقو، وارھہ تعلقو مڪمل ۽ ميھڙ تعلقي جو ڪجهہ حصو ٻوڏ ھيٺ اچي ٿو ۽ ماڻھن جي معاشي زندگيءَ ۾ وڏي تباھي اچي ٿي. ٻوڏ ۾ جڏھن پاڻي تيزيءَ سان جبلن تان ھيٺ لھي ٿو تڏھن اھو تيز پاڻي وڻ ۽ جانور بہ لوڙھي آڻي ٿو. ھن ٻوڏ ۾ اڪثر مرون ۽ سوئر بہ لڙھي ايندا آھن، جنھن ڪري ماڻھن ۾ تمام گهڻو خوف ٿيندو آھي. ھن ٻوڏ ۾ بيان ڪيل علائقن جا فصل بلڪل تباھہ ٿي ويندا آھن .
حمل ڍنڍ اتر سنڌ جي تمام وڏي ڍنڍ آھي، جيڪا قبي سعيد خان شھر کان وٺي جبلن جي قطار ڏيندي اچي، منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿي. ٻوڏ جي ڏينھن ۾ ھن ڍنڍ جي بندن تي مقامي ماڻھو رضاڪارانه طور چونڪي ڏيندا آھن تہ جيئن بر وقت ٻوڏ جي تباھيءَ کان بچاءَ لاءِ ڪي اپاءَ وٺي سگهجن. سنڌ جيئن تہ سنڌو درياھہ جي پڇڙيءَ ۾ آھي، انھيءَ ڪري ڪشمير، سرحد ۽ پنجاب ۾ جڏھن آگسٽسيپٽمبر مھينن ۾ برساتون پون ٿيون تہ انھن علائقن جي اٿل جو پاڻي سنڌو درياھہ ۾ اچي ٿو. درياھہ اڳ ئي چاڙھہ ۾ ھوندو آھي، انھيءَ ڪري اٿل جو پاڻي کاڌ ڪري ڪپرن جا بند ڀڃي سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۽ شھري ايراضيءَ ڏانھن ڪاھي پوندو آھي. نتيجي طور سڄيءَ سنڌ ۾ ڄڻ تہ ٻوڏ ۽ اٿل جي صورت پيدا ٿي ويندي آھي. لڳ ڀڳ ھر چوٿين پنجين سال سنڌ ۾ ٻوڏ راڱا ڪري ڇڏيندي ھئي، مٿان وري جي برسات بہ پئي پوندي آھي تہ ھيڪاري سوين مسئلا پيدا ٿي ويندا آھن، ڪي سگهڙ ۽ شاعر وقت بوقت انھن ٻوڏن تي واقعاتي بيت بہ چئي چڪا آھن جن ۾ ٻوڏن مان ٿيندڙ نقصان کي ڳايو اٿن. 31 صدي ھجريءَ جي آخر ۾ سانده ويھارو سال کن برسات نہ پئي، پر جڏھن قدرت کي رحم پيو، تڏھن سڄو مھينو برساتون پيون. نتيجو اھو ٿيو تہ صدين جا سڪل واھڙ بہ وھي اٿي ھليا. ان وقت سگهڙ جلال ووگهڙ بيت چيا، جن ۾ ان وقت جي حالتن جو نقشو چٽيل آھي. سال 1929ع واريءَ برسات سنڌ ۾ جيڪي راڱا ۽ ھاڃا ڪيا، انھن جا اکين ڏٺا شاھد سنڌ ۾ اڃا موجود آھن، اھا برسات چوڏھن ڏينھن وسندي رھي. ھن برسات ۾ غريب ماڻھن کي سخت جاني ۽ مالي نقصان پھتو، پوکون ٻڏي ويون، شھرن ۽ ڳوٺن جون جايون ڪري پٽ پيون، ھر طرف تباھي ھئي، ماڻھو بک وگهي مرڻ لڳا، مائرن ٻچڙا ٻُڏندي ڏٺا. چوپايو مال مري ويو. مٿان وري اچي بيمارين منھن ڪڍيو، ان وقت جي سگهڙ شاعرن پڻ ان صورتحال کي پنھنجن بيتن ۾ بيان ڪيو آھي. 1929ع واريءَ زبردست برسات سبب ناري واھہ ۾ بہ چاڙھ آيو، جنھنڪري واھہ ۾ ڪيترن ھنڌن تي گهارا پئجي ويا ۽ سانگهڙ سميت ٿرپارڪر ضلعي جا ڪيترائي شھر ٻوڏ ھيٺ اچي ويا، جيئن جيئن ٻوڏ ڀر وارن ڳوٺن تائين پھچڻ لڳي، تيئن تيئن اتي جا باشندا ساھہ بچائڻ لاءِ ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ڪندا ويا. ماڻھن جا مال متاع سڀ تباھہ ٿي ويا ۽ ھو فقط پنھنجا سر بچائي محفوظ جڳھن تي پھتا، سنڌ ۾ 1942ع واري ٻوڏ بہ مثال طور پيش ڪئي ويندي آھي. جنھن خاص ڪري دادو ضلعي ۾ وڏو نقصان ڪيو ھو .
سال 1955ع ۾ بہ سڄيءَ سنڌ ۾ گهڻي برسات پئي. بدين، پٿوري، ماتلي، ميرپورخاص، ڪوٽڙي، ڪنري، ڪراچيءَ، ڪاڪ، ڪنڊياري، تلھار ۽ ٻين شھرن ۾ ٻوڏ جهڙيون حالتون پيدا ٿي پيون، سارين ۽ وونئڻن جا فصل تباھہ ٿي ويا. چوپايو مال ۽ جهنگلي جانور وغيرہ بہ گهڻي تعداد ۾ مري ويا، ڍنڍون ڍورا پاڻيءَ سان ڀرجي ويا. لاڳيتين برساتن ڪري درياھہ جي پاڻيءَ ۾ زبردست چاڙھہ آيو ۽ ھالا، مٽيارين، ٺٽي، دادوءَ ۽ نوابشاھہ وٽان درياھہ جي بند ڀڄڻ جو خطرو ٿي ويو. ھالن وٽان درياھہ پاسا کائڻ لڳو، درياھہ جي وڌندڙ کاڌ کي بند ڪرائڻ ۾ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. درياھہ ۾ ڪن ھنڌان گهارا پيا، جنھن ۾ ڪيترا ماڻھو مري ويا. وڻج واپار سڀ بند ٿي ويو، ھاري، زميندار ۽ ڀاڳيا سڀ برسات بند ٿيڻ جون دعائون گهرڻ لڳا، نامياري شاعر مولوي احمد ملاح پنھنجي ڪالم ۾ برسات جي انھن حالتن بيان ڪرڻ کان پوءِ خدا کي عرض ڪيو ھو: ”اي مولا! ھاڻي اھي برساتون ٻئي ڪنھن ملڪ ڏانھن موڪل، جتي انھن جي ضرورت ھجي. تنھنجا بندا انھن برساتن کان ايترو تہ بيزار ٿي پيا آھن جو ’ڀيڄ موليٰ‘ جي بدران ’بس موليٰ‘ پيا پڪارين“ شاعر جو ھيءُ سڄو نظم گويا مناجات آھي، جنھن ۾ ھو ڌڻي تعاليٰ کي برسات بند ڪرڻ لاءِ ٻاڏائي ٿو. ھي واقعاتي شعر لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب ”واقعاتي بيت“ ۾ موجود آھي. 1956ع ۾ سخت برسات سبب پنجاب صوبي ۾ ٻوڏ ٿي، جيئن تہ پنجاب جي پنجن ئي ندين جو پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو تنھنڪري سنڌو درياھہ ۾ زبردست چاڙھہ ٿيو، پاڻيءَ جي دٻاءَ وڌڻ سبب ڪيترن ئي ھنڌن کان گهارا پوڻ شروع ٿيا. سکر، لڪيءَ، سڪرنڊ، ھالا، سجاول ۽ ساڪري وٽان درياھہ ۾ بہ گهارا پيا، اٽڪل ٽيھہ ڳوٺ ٻوڏ ھيٺ اچي ويا، ٺٽي شھر ۾ پڻ ٻوڏ آئي، جو ماڻھن پنھنجا گهر گهاٽ ڇڏي وڃي مڪليءَ تي پناھہ ورتي. پاڻي مڪلي ٽڪريءَ تائين وڃي پھتو، جهنگ جبل ھر طرف پآڻي ئي پاڻي پئي نظر آيو، مٽياريءَ وٽان گهلياڻ بند ۾ ٽن ميلن تائين گهارو پئجي ويو، جنھنڪري پاڻي نئشنل ھاءِ وي لوڙھي آسپاس جا ڳوٺ ٻوڙيندو اچي مسو ڀرڳڙي ۽ جيئندل ڪوٽ کي پھتو، حيدرآباد شھر کي بچائڻ لاءِ پاڻي ڦليليءَ، چئنل ۽ پڃياريءَ ۾ ڇڏيائون، جنھن ڪري انھن نھرن تي جيڪي ڳوٺ يا شھر آباد ھئا انھن ۾ وڏي تباھي اچي وئي، حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽو ضلعا مڪمل طور ٻوڏ ھيٺ اچي ويا، ماڻھن جو بي انتها جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، مولوي احمد ملاح پنھنجي ڪلام ۾ فقط حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعي جو ذڪر ڪيو آھي، پر شاعر دائود جوکيي ھالا ۽ ٻين علائقن سان گڏ اتر سنڌ جي سکر ۽ سيوھڻ وارن علائقن جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آھي تہ اڙل واھہ ۾ جڏھن گهارو پيو، تڏھن گهوگهاٽ ڪندو ڳوٺن ۾ ڪاھي پيو، جنھنڪري ماڻھو پنھنجا گهر ڇڏي وٺي ڀڳا. عام ماڻھن سخت محنت ۽ جانفشانيءَ سان واھہ کي بند ٻڌو. بند سبب پاڻي ڪچي طرف رخ رکيو، ڌنار درياھہ جي ھن اٿل کي ڏسي مال ڇڏي وٺي ڀڳا ۽ زبردست اٿل سبب جهنگ ۾ ھڪڙو جانور بہ باقي ڪو نہ بچيو .


لفظ ٻوڏھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو