ٻليار

ٻَليارُ: سنڌو نديءَ جي اڳئين وھڪري جي ھڪ شاخ (جنھن ۾ ٻيا ڍورا ۽ واھڙ بہ اچي ڇوڙ ڪندا ھئا). شاھہ لطيف جي رسالي ۾ ”سر ڏھر“ جي بيت جي ھڪ سٽ ۾ ’ڍاڳي‘، ’ڍور‘ ۽ ’ٻليار‘ جا اھڃاڻ ڏنل آھن:
” جڏھن ’ڍاڳي‘ ۽ ’ڍور‘، ٻئي وھن ٻليار ۾ “
ھن بيت ۾ موجودہ ضلعي بدين جي الھندي ڀاڱي (تعلقي گولاڙچيءَ) ۽ ضلعي ٺٽي جي اڀرندي ڀاڱي (تعلقي ميرپور بٺوري) واري ايراضيءَ جي ماضي ءَ جو نيم تاريخي پس منظر سمايل آھي. جڏھن جسوڌڻ آگرو حاڪم ھو، تڏھن درياھہ جو وھڪرو پٽيھل ڍوري مان ھو. ان سان گڏ ٻيو ڍاڳي ڍورو ھو ۽ ٻنھي جو پاڻيٻليار‘ يا ’ٻلياريءَ‘ ۾ پوندو ھو .


لفظ ٻليارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو