
ٻليءَ جو اسڪول
ٻليءَ جو اسڪول (ڪتاب ):هي ٻاراڻن گيتن (ٻال ڪوتائن) تي مشتمل ڪتاب ومي سدارنگاڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو وِڀا پبليڪيشن، آديپور (ڪڇ) انڊيا مان 1998ع ۾ ڇپيو. هن ڊبل ڪرائون سائيز جي 33 صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ 25 ٻاراڻا گيت شامل آهن ۽ گجرات سنڌي ساهتيہ اڪادميءَ جي پبليڪيشن گرانٽ سان ڇپايل آهي ۽ اُن جي قيمت 20 رپيا رکيل آهي. مشھور اديب ۽ ڪهاڻيڪار لکمي کلاڻي، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، ”ومي سدارنگاڻيءَ جي هن ’ٻليءَ جي اسڪول‘ (ڪتاب) ۾ ننڍڙا ننڍڙا، پيارا پيارا گلڙا آهن تہ سندس من پسند جانور پکي، ٻليون، ڪُتا، باندر، مور، طوطا، ڪبوتر، ڏيڏر بہ موجود آهن. ٻار هنن سان کيڏن ٿا، ڳالهائين ٿا. سندس (وميءَ جي) تيار ڪيل هن ’ڊزني لئنڊ ۾‘ اسين وڏڙا بہ ٿوريءَ دير لاءِ ٻارن لان ٻار بڻجي، تاڙيون وڄائي سگهون ٿا، هنن سان گڏ باغيچي ۾ سهڻن پوپٽڙن جي پٺيان ڊوڙي سگهون ٿا، پينگهہ تي لُڏي، گسڪڻ تي گِسڪي، پنهنجو موٽي آيل ٻالپڻ ماڻي سگهون ٿا.“