ٻلديو گاجرا

ٻلديو گاجرا

ٻلديو گاجرا

ٻلديو گاجرا: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور اديب، شاعر ۽ نقاد ٻلديو تارا چند گاجرا، تخلص ”گمنام“، 9 سيپٽمبر 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. ھن کي شاگرديءَ واري زماني کان ئي علم ادب سان دلچسپي ھئي. 1947ع ۾ ورھاڱي کان پوءِ ھو بمبئيءَ لڏي ويو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ 1930ع ۽ 1942ع جي وچ ۾ ٽي سال جيل پڻ ويو. ڀارت ۾ ”ڀارت واسياخبار جو 1953ع کان 1991ع تائين ايڊيٽر ٿيو، سندس تصنيفن ۾ ”گمنام صدا“ (1954ع)، ”ڦول ۽ ترانا“ (1956ع)، ”ادبي تنقيد“ (1984ع)، ”جنگي ترانا ۽ متفرق گيت“، ”آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ“ ۽ ”شاعر تہ بيوس“ وغيرہ شامل آھن. ھن ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تي تنقيدي رايا لکيا ۽ ساڳئي نالي سان ڪتاب بہ شايع ڪيو. ھن جي ڪتاب ”آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ“ ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو (1984ع، 1986ع) پڻ شايع ٿي چڪو آھي، ان کان سواءِ مھاتما گانڌيءَ جي سو ساله سالگرھہ تي ھن ”گانڌي گرنٿ“(1972ع) شايع ڪيو. هن کي ادبي صحافتي خدمتن تي ”سنڌي شريمن“ (1991ع) ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ پڻ مليا. هي سنڌي ٻولي، ساهتيہ ۽ ڪلا وڪاس سڀا، آل انڊيا سنڌي ڪانگريس مينس فورم، مهاراشٽر ساهتيہ اڪيڊمي وغيرہ سان بہ لاڳاپيل رهيو. هو 1991ع ۾ وفات ڪري ويو .


لفظ ٻلديو گاجراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.09.09  عيسوي

ٻلديو گاجرا 9 سيپٽمبر 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو.


1991.00.00  عيسوي

1991ع ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير ابوالقاسم خان زمان ٺٽوي
ٿامس هنٽ مورگن
اي بي حليم
صالح حاجاڻو
جيسپرز ڪارل ٿيوڊور
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
سونت مرلن ووز Marilyn Vos Savant
ڄام اوڍر سمو
جتوئي مصطفيٰ حيدر
پونم پاسڪل پرمار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون