ٻاٻيهو
ٻاٻيهو/ ٻاٻيهل (Pied Crested Cuckoo / Clamator Jacobinus ):33 سينٽي ميٽر جسامت وارو ڪوئل ڪٽنب جو ھيءُ پکي اصل ڏکڻ ۽ وچ هندستان جو آهي، جيڪو اونهاري ۾ اتر ۽ اولهه ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو آهي. نر مادي هڪ جهڙا ٿيندا آهن. ھي پکي مٿي کان پُٺيءَ تائين ڪارو آهي، ڳچيءَ کان ڇاتي ۽ پيٽ اڇو اٿس. پُڇ جون چوٽڙيون اڇيون ۽ مٿي تي اڇي ڪاري چوٽي اٿس. ان رنگ ۽ چوٽيءَ سبب مٿس اهو نالو پيو آهي. هن پکيءَ کي راجستان ۽ ٿر ۾ پپيهو، ٻاٻيهو، تاڙو ۽ مينهل به چوندا آهن. ان کي شاعريءَ ۾ ڪافي ڳاتو ويو آهي.
ان جو آواز زوردار، ٻه آوازي ڪُوڪ تي ٻڌل آهي، جنهنڪري ان کي ’ڪُوڪُر‘ به چون ٿا. ان جي ٻولي زوردار ’پِيو .. پِيُو .. پِي .. پِي .. پِيُو، پِي .. پِي .. پِيُو‘ يا ’پيو ..پيو‘ آهي، جيڪا رات ڏينهن پئي ٻُڌبي آهي. هي ٽاهڙ پکي نه آهي، اڪثر ڪنهن کليءَ جاءِ تي ڪنهن ڏانڊيءَ تي ويٺو هوندو آهي. مٿي ئي رهندو آهي، پر اڪثر هيٺانهن ٻُوڙن ۾، ۽ زمين تي به خوراڪ ڳوليندو آهي. ٻيلن، باغن، پوکن، ٻُوڙن ۽ نيم صحرائي علائقن ۾ به رهي ٿو. سڄو سال، خاص ڪري مارچ کان آگسٽ تائين افزائش نسل ڪري ٿو. ٻاٻيهو پنهنجا آنا هيڙهي جي آکيري ۾ ڏيندو آهي.
”تاريخ ريگستان“ جي مصنف موجب، هيءُ پکي مينهوڳيءَ جي مند اچڻ جا اهڃاڻ ڏيندو آهي. هيءُ نه پالتو پکي آهي ۽ نه ئي حلال پکي آهي. مينهن جي مند ۾ تاڙي جي تنوار کي سگهڙن ۽ شاعرن سِڪَ ۽ ملڻ جي اميد جو اهڃاڻ ڪري ڳايو آهي، جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو بيت آهي ته:
منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وِسري،
ته مَر لڳي لُوهه، ٿَرَ ٻاٻيهو ٿي مران!
مينهن نه پوڻ جي ڪري زمين ۾ جيڪا خشڪي پيدا ٿيندي آهي، خاص ڪري جابلو علائقن ۽ ٿر جي وارياسي ميدانن ۾ جيڪي لُڪون لڳنديون آهن، اهي ٻاٻيهي پکيءَ لاءِ موت جو ڪارڻ بڻبيون آهن .