ٻاٻري

ٻاٻري/ ٻٻري: ھيءُ ڳوٺ موجودہ ضلعي نوشھري فيروز ۽ تعلقي موري ۾، گچيريءَ جي ڀرسان ھو. اصل ۾ ھيءُ جوڻيجن جو ڳوٺ ھو، انھيءَ علائقي ۾ ٻيا سميجن، ڪوريجن، لاکيرن، ڳاھن ۽ بھڻن جا ڳوٺ ھئا. 1007ھہ/ 1598ع ۾ سيوھڻ جي گورنر بختيار بيگ، پنھورن جو لاباري پيل فصل، جير نالي ھڪڙي گمائشتي کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو. انھيءَ وچ ۾ سميجا موقعو وٺي، پنھورن ۽ ڪوريجن کي زمين تان ھڪالي پاڻ مالڪ بنجي ويھي رھيا. ھنن پنھورن ۽ ڪوريجن سان وڙھڻ لاءِ درياھہ جي اورينءَ ڀر ”بکر“ جي راڄڌانيءَ ۾ ”لاکيرن“ جي ڳوٺ ۽ ڳاھن جي پرڳڻي ۾ ”بھڻن“ جي ڳوٺ کي اچي باھيون ڏنيون ۽ اھا ساڳي ڪار ڪندا ”ڪانھريءَ“ ۽ ”سامتاڻيءَ“ کان وڃي نڪتا، جتي بھاءُ الدين پنھور ويٺل ھو. پنھور ۽ ڪوريجا پاڻ ۾ متحد ٿي، چئن پنجن ھزارن جي فوج سان درياھہ پار ڪري اچي جوڻيجن جي ڳوٺ ”ٻٻريءَ“ ۾ گڏ ٿيا، جتي جيسر گماشتو بہ اچي ساڻن شامل ٿيو. ٻئي طرف سميجا ۽ انڙ بہ اٽڪل پنجن ڇھن ھزارن جو لشڪر تيار ڪري اچي گچيري ڳوٺ ۾ ڪٺا ٿيا، جيڪو پڻ ساڳئي پرڳڻي ۾ ھو. آخر ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ ڳچيري وٽ سخت ويڙھہ ٿي، جنھن ۾ جيسرن، پنھورن ۽ ڪوريجن جي سوڀ ٿي ۽ اڳتي ھلي ھيءُ ڳوٺ اجڙي تباھہ ٿي ويو .


لفظ ٻاٻريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1598  عيسوي

1007هه/ 1598ع ۾ سيوھڻ جي گورنر بختيار بيگ، پنھورن جو لاباري پيل فصل، جير نالي ھڪڙي گمائشتي کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو.



ڳوٺ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻاٻوري (ڳوٺ)
تڪيو محمد پناھہ
ڪامارو شريف
بوبڪ
آراضي
ڇھي
راڻاهو2
سن ساوڙي
روحل واءِ
ريڙهي مياڻ
ڳوٺ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون