ٻانهو خان شيخ

ٻانهو خان شيخ

ٻانھون خان شيخ

ٻانھون خان شيخ: ڀٽ شاھہ، ضلعي مٽياري جو ويٺل بزرگ خان شيخ'>ٻانھون خان شيخ، هڪ عالم شخص هو. هي روينيو کاتي جو رٽائرڊ آفيسر هو. 19 اپريل 1928ع تي ڀٽ شاھہ ۾ ڄائو. شاھہ لطيف جي رسالي سان وڏو شغف رهيس. لطيف سائينءَ جي درگاھہ جي فقيرن جو صحبتي رهيو. ويھہ سال راتين جا اوجاڳا ڪري، هن، فقير محمد ابراهيم جو راڳ ٻڌو ۽ ان جي يادداشت وارو سمورو ڪلام قلمبند ڪرڻ کان پوءِ تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل شاھہ جي گنج (1207 ھہ/ 1792ع جي لکيل)،ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل رسالي (1304 ھہ/ 1886ع )،ميين محمد ۽ ميين حسين جي لکيل رسالي (1300 ھہ/ 1882) ۽ ماستر محمد سارنگ لنجواڻيءَ جي لکيل رسالي ۽ سمورن ڇاپي رسالن کي ڀيٽي، هن 1960ع ۾ شاھہ جي رسالي جو هڪ مسودو تيار ڪيو. ان وچ ۾ کيس ٻہ پراڻا قلمي نسخا، ٽنڊي مير محمود جي مير صاحبن جي ڪتبخاني مان ۽ سيد مسڪين شاھہ کاڻوٺيءَ جي ڪتبخاني مان هٿ آيا ۽ 1949ع، 1974ع ۽ 1977ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڇپايل رسالن کي بہ هن آڏو رکيو. اهڙيءَ طرح شاھہ جي رسالي جو مڪمل متن 31 سرن، 4469 بيتن ۽ 300 واين تي مشتمل، لفظي ۽ اصطلاحي معنيٰ سميت تيار ڪيائين. هن رسالي جا ٽي ڀاڱا شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾ هن بيتن کي صحيح اچارن سان پڙهڻ لاءِ اعرابون ڏنيون ۽ ڏکين لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون. ٻانهي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي .


لفظ ٻانھون خان شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

19.04.1928  عيسوي

ٻانهون خان شيخ 19 اپريل 1928ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڄائو.


19.10.2008  عيسوي

ٻانهي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بچارام ليلارام ليڏواڻي
جيمس لوئيس مينس
عالي فقير ڀاڳت
رحمت مائي
ايلسا قاضي
عبدالغفور ميمڻ پروفيسر
دروڻاچاريه
عبدالقيوم سڪندري مھر
احمد خان چانڊيو
خير محمد خان استاد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون