ٻانڌي: نوابشاھہ ضلعي (هاڻي بينظيرآباد) ۾ ھڪ شھر، جيڪو نوابشاھہ- پڊعيدن ريلوي لائين تي آھي، نوابشاھہ کان اتر طرف، دوڙ شھر کان پوءِ ريلوي لائين تي ٻانڌي ريلوي اسٽيشن ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ وارو شھر آھي. روايت آھي تہ ھيءَ شھر ”ٻانڌي“ نالي ھڪ عورت جي ڪري آباد ٿيو. ھتي سنڌو درياھہ يا ان جي ڪا ڇاڙ وھندڙ ھئي، ان کان بچاءَ لاءِ ٻنڌ ٻڌائون، بعد ۾ ٻنڌ مان ڦري ھيءَ شھر ”ٻانڌيءَ“ نالي مشھور ٿيو .
ھتي زراعت پيشہ ماڻھن جي گهڻائي آھي، سرڪاري اسڪول ۽ ديني مدرسا پڻ آھن. اصل پراڻي ٻانڌي، موجودہ ريلوي اسٽيشن ۽ نئين شھر کان اولھہ پاسي ”ھبيريءَ“ جي ڀر ۾ آباد آھي .