
ٻار اکين جا ٺار
ٻار اکين جا ٺار (ڪتاب): هي ڪتاب رحمت ﷲ شوق ’شڪارپوريءَ جي ٻارن لاءِ چيل شاعري تي مبني آهي، جنهن کي عبدالجبار ’عبد‘ ترتيب ڏنو آهي. جو سال 2007ع ۾ جيئي لطيف ادبي اڪيڊمي شڪارپور پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب ۾ مرتب جي پيش لفظ کان علاوه، گوهر سنڌي، وحيد محسن، شريف شاد سومري ۽ ارباب علي عادل جا، ڪتاب، شاعر ۽ مرتب جي باري ۾ تاثرات شامل آهن. ٻارن لاءِ شاعري هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي:
خدا جي وڏائي، ڌڻي سڳوري جي ساراھہ، اچو تہ ڳايون نعت نبيءَ جي، اسان جو رهنما، محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جي ساراھہ، جمعي جو ڏينهن، ماءُ ۽ پيءُ جو ادب، ٻارن کي نصيحت، پختو رهجانءِ، بري عادت، سدورو ٻار، آءُ تہ مڪتب جلد هلون، ٻار اکين جا ٺار، نٺر ٻار کي نصيحت، بھار جي مند، رانديڪا، طوطو، سکر شھر جو سير، ڀولي ڏسون ڀولي ڙي، ٻلڙي ۽ شڪارپور شھر جو سير.
جڏهن تہ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي پبلشر ڪاشف حسين سومري جو فوٽ نوٽ آهي. ڪتاب ۾ عنوانن جي مناسبت سان اسڪيچ پڻ ڏنا ويا آهن. جنهن ڪري ڪتاب جي خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
40 صفحن تي مشتمل، آفسيٽ پيپر جي رنگين ٽائيٽل سان ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 12 روپيا آهي.