ٻارچاڻي

ٻارچاڻي: ضلعي ۽ تعلقي مٽياري ۾ هڪ ديھہ جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’سيد رضا علي شاھہ‘، ’دليل مڱريو‘، ’لانگاھہ ڳوٺ‘، ’خان محمد ابڙو‘، ’ٻاگهل‘، ’مشتاق حاجاڻو‘ ۽ ’راوت حاجاڻو‘. هن ديھہ ۾ مشھور بزرگ حاجي يوسف شاھہ جي مزار پڻ آهي. ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ بہ ملاڪاتيار ڀرسان ٻارچاڻي نالي ديھہ، تپو ۽ ڳوٺ آهي .


لفظ ٻارچاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو