ٻاجهارا ٻول قاسم جا قول (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سگهڙ محمد قاسم ڪلوڙ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ پبلشر نوٽ اعجاز قادر مھر ۽ مهاڳ غلام محمد غازيءَ جو لکيل آهي، ان کانسواءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، حافظ ولي محمد ڪورائي پير مسعود احمد سرهندي ۽ محمد پنجل شيخ جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سگهڙ محمد قاسم ڪلوڙ جي شاعريءَ ۾ حمد باري تعاليٰ، آمد عربي ڄام جي، شان مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم، سھڻي جا سينگار، ڏهس بيت، آجيان جا بيت، تون سڄڻ تون سهڻو، پهاڪا ۽ هدايتي بيت، مناظرا، هنربيت، گرچيلو، ڳجهارتون، ڏور بيت ۽ ذات نامو وغيرہ شامل آهن. 117 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي.
جنهن کي قادر اڪيڊمي رڪ، ضلعي شڪارپور 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.