ٻائن جو ٻيسڻو: ٿرپارڪر جي قديم ڪاسبي ڳوٺ جي ڀرسان، جيڪو نئين ڪاسبي کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي کاروئيءَ جي ويجهو آھي، اوڀر طرف ھڪ پٿر آھي، جنھن جي ھيٺان وڏي سرنگهہ آھي، جيڪا ٽن پاسن کان بند ۽ ھڪ پاسي کان کليل آھي، جنگ جي وقت يا ڌاڙيلن جي خوف کان قديم وقت ۾ خطرو محسوس ڪندي ھڪدم دھل وڄايو ويندو ھو ۽ عورتون عصمت بچائڻ لاءِ ان سرنگهہ ۾ وڃي لڪنديون ھيون ۽ مرد سرنگهہ جو منھن بند ڪري لڙائي ڪندا ھئا، يا ڌاڙيلن جو مقابلو ڪندا ھئا. ان هنڌ کي ’ٻائن جو ٻيسڻو‘ سڏين ٿا. اصل ۾هيءَ ٻاون جي ويهڻ جي جاءِ هئي .