ٺٽ2

ٺَٽ2: تعلقي نوشهري فيروز ۾ هڪ ديھہ، جيڪا ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هن ديھہ ۾ سما دور کان ساڳئي نالي سان هڪ ڳوٺ آباد هو، جيڪو سال 1901ع ۾ درياھہ پائي ويو. بعد ۾ ٽي ڳوٺ- ٺٽ ڳوراهو، کيرو پنهور ۽ مياڻي ڳوٺ بہ درياھہ خورد ٿيا. هن ديھہ ۾ ٻيا هيٺيان ڳوٺ بہ آباد آهن: ’بچو کوکر‘، ’ڳوٺ لُراءُ‘، ’عبدالله کهاوڙ‘، ’عمر پٺاڻ‘، ’مياڻي ڳوٺ‘ ۽ ’ٺٽ-2‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو