ٺَٽُ مسجد: جيڪب آباد ۾ هيءَ مسجد خان آف قلات خداداد خان اندازاً 1842ع ۾ ٺهرائي هئي ۽ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي تہ هيءَ مسجد فوج جي رهائشگاھہ ٿرڊ فيملي لائين جي حد ۾ شامل ٿي وئي . اڳتي هلي ٿرڊ فيملي جي نالي پٺيان ان جو نالو بدلجي ” ٿرڊ “ مان ” ٺَٽُ “ مسجد پئجي ويو . جيڪا ڏيڍ صدي گذرڻ جي باوجود صحيح ۽ سالم حالت ۾ موجود آهي ۽ شھر جي وڏين مسجدن ۾ شمار ٿئي ٿي . ان کان سواءِ شھر جي وڏين مسجدن ۾ پير بخاري مسجد ، ڪبوتري مسجد ۽ سيد علي نواز شاھہ مسجدون بہ شامل آهن .