ٺٽوي، حسين شاھہ مراد شيرازي: سيد حسين پٽ احمد پٽ سيد محمد شيرازي ٺٽوي وقت جو ولي ڪامل، عالم ۽ عامل هو. سندس ڏاڏو سيد محمد شيراز مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو. سيد حسين، ٺٽي ۾ 12 ربيع الاول 831ھہ/ 1427ع ۾ ڄام فتح خان سمي جي دور حڪومت ۾ پيدا ٿيو. چئن سالن جي ڄمار ۾ سندس والد کيس مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، هو ذهين شخص هو، ظاهري ۽ باطني علمن جو ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي حصول ٿيس. ڏهن سالن جي ڄمار ۾ جامع مسجد ٺٽي جي منبر تي قرآن ۽ حديث شريف مان وعظ ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيائين. سيد حسين جي ولادت کان اڳ ۾ شيخ عيسيٰ ساموئي ۽ ٻين ڪيترن ڪاملن هن لاءِ پيشنگوئيون ڪيون هيون. جن جي بنياد تي ٺٽي جي مشھور عالم قاضي نعمت ﷲ عباسيءَ پنھنجي نياڻي سيد احمد کي پرڻائي ڏني هئي. سندس مجلس ۾ هميشہ تفسير ۽ حديث جو ذڪر رهندو هو. سنت جو ايڏو تابع هو، جو حضور جن جي پيرويءَ ۾ محلي واري مسجد ۾ هڪ صفو ٺهرايائين، جتي ﷲ جي طالب مسڪينن جي هڪ ٽولي رهندي هئي، جن کي ’اصحاب صفه‘ سڏيو ويندو هو ۽ سندن نگراني ۽ پرداخت سندس وڏي ڀاءُ سيد عليءَ جي حوالي هوندي هئي. نماز تھجد هڪ سؤ رڪعتون ادا ڪندو هو. سندس جوانيءَ جو عروج ڄام نظام الدين سمي سنڌ جي عادل حاڪم جو زمانو هو. سندس عقيدتمندن ۾ هڪ روايت مشھور آهي تہ هڪ دفعي برسات نہ پوڻ ڪري ڏڪار جو سخت انديشو ٿي پيو. سيد صاحب کي ڄام نظام الدين دعا لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ شھر کان ٻاهر نڪري دعا گهريائون تہ زبردست برسات شروع ٿي وئي.
سندس صحبت ۽ فيض مان سوين فقير ۽ خليفا ڪشف ڪرامت جا مالڪ ٿيا. سنڌ جي عادل بادشاھہ ڄام نظام الدين سمي سندس مريد ٿيڻ چاهيو، تہ کيس چيائين:”دولتمندن سان اسان درويشن جو ڪهڙو واسطو؟ تون ملڪ جو گشت ڪري مظلومن جي فرياد ٻڌ ۽ مخلوق خدا سان انصاف ۽ عدل ڪري ﷲ کي راضي رک.“ پهرئين ربيع الاول 893ھہ مطابق 1487ع ۾ سومر ڏينهن ظھر جي وقت هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. پويان 3 فرزند ڇڏيائين. (1) سيد منصور، (2) سيد نعمت ﷲ ۽ (3) سيد حماد. سيد منصور گاديءَ تي ويٺو. هن شيرازي خاندان جا سادات هن وقت ٺٽي ۾ موجود آهن.