ٺٽوي حافظ ابراهيم

ٺٽوي، حافظ ابراهيم: حافظ ابراهيم ٺٽوي، ٺٽي جو مشھور عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. هو ٺٽي ۾ پڙهيو ۽ قرآن جو حافظ ٿيو ۽ نالو ڪڍيائين. تحفة الڪرام ۾ سندس باري ۾ هن ريت احوال ملي ٿو ، ”علم جي فيض ڪري ايڏي ترقي ڪيائين جو شھزادي دارا شڪوہ ولد بادشاھہ شاھجھان جو استاد مقرر ٿيو ۽ زماني ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين. تاريخ وفات جو مقرر سال معلوم نہ آهي مگر شاھجھان جو زمانو يارهين صدي هجري آهي، جنهنڪري هي بزرگ بہ انهيءَ صديءَ جي بزرگن مان آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو