ٺوڙھہ: هي ديھہ تپي ڪونڪر تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل درساڻي ڇني گڏاپ ٽائون ۾ آهي. واريءَ جا دڙا هئڻ ڪري هن کي ”ٺوڙھہ“ چيو ويو ۽ ٺوڙھہ مٽيي جي دڙن کي بہ چئبو آهي. هن جو اصل نالو ”ٺوڙھہ“ آهي. هن کي ”ٺوڙھہ پٽ“ معنيٰ ٺوڙهو/لسو پٽ چئبو آهي. سچل رينجرز هيڊڪوارٽر، بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي، پولٽر اٽيٽ نمبر هڪ، زنيا ڳوٺ جو گهڻو ڀاڱو، شيدو ذڪريا ڳوٺ ٽول پلازه ڪراچي ۽ ٽول پلازا کانپوءِ مولوين جو اجتماع گاھہ (صحراءِ مدينه) پٺاڻن جي آبادي، اسلامي يونيورسٽي، شيعن جو جديد قبرستان ”باغِ حسين“ فوجي فائرنگ رينج، عورتن وارو مدرسو، بقائي ڪيڊٽ ڪاليج سڀ انهيءَ ديھہ ۾ آهن.