
ٺلهه گاجي کھاوڙ
ٺلھہ گاجي کھاوڙ: هي ٺلھہ ڳوٺ گاجي کھاوڙ، ديھہ گاجي کھاوڙ، تعلقو وارھہ،ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ ۾ آهي. هي ٺلھہ ھڪ دڙي تي ٺھيل آھي، جيڪو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو هو، دڙي جي چوڌاري زمين جو مٿاڇرو ڪجهہ ھيٺ آھي، شايد مقامي ماڻھن اتي کامان ھڻي مٽي ڪڍي آھي. اھو بہ اندازو آھي تہ جڏھن مينھن پوندو ھوندو تہ اتي پاڻي کڏن ۾ بيھي ويندو ھوندو. ٺلھہ نھرو (solid) ٺھيل آھي. سرون پڪيون ۽ اوساري گل جي اٿس. سرون مختلف ماپ جون آھن: ڪي سرون چئن پنجن سينٽي ميٽرن جيتريون ٿلھيون تہ ڪي ستن اٺن سينٽي ميٽرن جون ٿلھيون آھن. ٺلھہ ٻن طبقن ۾ ٺھيل آھي. ھيٺيون طبقو وڏو ۽ چورس آھي، جيڪو اٽڪل 6 فوٽ ويڪرو ۽ 9 فوٽ اوچو آھي. مٿيون طبقو گول، ست فوٽ اوچو، جنھن تي 609 بار اڃا بہ بيٺل آھن. ھيٺئين طبقي ۾ ننڍا جارا ٺھيل آھن. ھيٺيون طبقو ڪافي ڊٺل آھي. گاري جي لنب جا نشان ٻنھي طبقن تي ڪجهہ موجود آھن. اولھہ پاسي ڪن ڏاڪڻين جا نشان بہ آھن، جيڪي مٿي وڃن ٿا. ٺلھہ جي چوٽي ثابت نہ آھي. هن وقت ٺلھہ تباھہ حال آهي، ان ڪري ماپون ساڳيون نہ رهيون آهن.