ٺلهه ڌامراھا

ٺلهه ڌامراھا

ٺلھہ ڌامراھا

ٺلھہ ڌامراھا: هي ٺلھہ ڳوٺ ڌامراھي، تپي ڌامراھي، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. ھي ماڳ لاڙڪاڻي رتي ديري روڊ کان اوڀر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آھي.
ٺلھہ ھڪ دڙي تي ٺھيل آھي؛ پر اُتي هن وقت ڪنھن بہ قسم جون ثقافتي وٿون موجود نہ آھن. ٺلھہ جي اڏاوت ڏاڍي شانائتي آھي، ۽ جيڪي بہ ٺلھہ ھن وقت سنڌ ۾ موجود آھن، تن مان هي سٺيءَ حالت ۾ آھي. گهڻين برساتن سبب اڀرندي پاسي گهڻو کاڄي ويو آھي. ٺلھہ پنجن طبقن ۾ ٺھيل آھي. اھي طبقا ھيٺان کان مٿي سوڙھا ٿيندا وڃن ٿا. ھيٺيون طبقو چورس ۽ ھر پاسو اٽڪل 205 س. ميٽر ۽ اوچائي ۾ 75 س. ميٽر آهي. اتي پنجن انچن جو وڌاوڙو ڏنل آهيس. ٻيو طبقو اٽڪل 190 س. م ويڪرو ۽ 40 س. م اوچو آھي. ٽيون طبقو 175 س.م ويڪرو ۽ 110 س. ميٽر اوچو آھي. اِھي چارئي طبقا چورس رٿ تي ٺھيل آھن. مٿيون پنجون طبقو گول 376 س- ميٽر گهيري جو ۽ 380 س. م اوچو نھرو ۽ گاري سان لنبيل آھي. مٿيون چوٽيءَ وارو حصو پڪ سرو آهي، جڏھن تہ باقي حصو ڪچين سرن جو آھي. ڏاڪڻ جا ڪجهہ نشان ملن ٿا، جيڪي 1988ع تائين ھئا. پر 1993ع ۾ ڪوبه ڏاڪڻ جو نشان موجود ڪونه ھو. سرن جي ماپ 38cmx4cm يا 39cmx22cm آھي. سرن جي ماپ ٻڌائي تہ ھي سڀني ۾ پراڻو ٺلھہ آھي. ھي ٺلھہ بين سڀني ٺلھن کان وڏيڪ ثقافتي سگهہ رکي ٿو. 2000ع ۾ ھڪ جپاني گروپ سان جڏھن هن ماڳ کي ڏٺو ويو تہ ھيٺين طبقي جي اوڀر واري ڪنڊ ڪري چڪي ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو