
ٺلهه مير رڪڻ
ٺلھہ مير رڪڻ: هيءُ ٻڌ ڌرم جو تاريخي ماڳ، ضلعي نوشهري فيروز جي، تعلقي موري کان 14 ميل ڏکڻ اولھہ طرف ۽ دولتپور کان 8 ميل ڏکڻ- اوڀر طرف آهي. هن ٺلھہ سان ڪابہ ڏندڪٿا وابستہ ناهي ۽ نہ وري ان جي نالي متعلق تفصيلي ڪو مواد ملي سگهيو آهي. هن ٺل جو نالو مسلمانڪو لڳي ٿو. ٿي سگهي ٿو تہ اهو نالو ان ٺل واري زمين جي ڪنهن مالڪ جو هجي، جنهن جي زمين ۾ اهو ٺلھہ بيٺو آهي. هن وقت اتي پنجابين جو ڳوٺ موجود آهي.
سنڌ ۾ هيءُ اڪيلو ئي اسٽوپا آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين مڪمل چئي سگهجي ٿو. مسٽر گبس (Gibbs) لکي ٿو تہ ”هي کنڊر پري کان ڪشش ڪندڙ ۽ من موهيندڙ، ريلوي لائين جي ڀرسان آهن ۽ گهڻو امڪان ان ڳالھہ جو آهي تہ ٻين اسٽوپائن جي دڙن جي سرن ۽ سروٽن وانگر، هن اسٽوپا جون سرون بہ ريلوي جي رستي وڇائڻ ۾ ٺيڪيدارن ڪم آنديون هونديون. ٺلھہ جي ٺوس ۽ گول اڏاوت، جيڪا آهستي آهستي مٿي سنهڙي ٿيندي ٿي وڃي ۽ اٽڪل 60 فوٽ بلند آهي. ٻاهرين اڏاوت سٺين پڪين سرن سان جڙيل آهي. جيڪي ڪجهہ باقي بچيو آهي، ان مطابق چورس پاين جون ٽي قطارون آهن، جيڪي هڪٻئي جي هيٺان مٿان جوڙيل آهن. هنن جي هيٺان سڄو سارو مٿاڇرو ڀڳو ڀريو پيو آهي. هن ٺلھہ جي چوڦير اڃا تائين بنيادن جا ڪجهہ حصا زمين جي سنوت کان هيٺ بچيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اُنهن پاين مٿان تاج ۽ تاج جي مٿان ڪارنس رکيا ويا آهن، جيڪي سڀ اُڪريل سهڻين سرن سان بنايا ويا آهن، انهن جي مٿان گُلڪاري ۽ ٻئي قسم جو نقش و نگار ٿيل آهي. پاين تي لڳل تاج ۾ ڪم آيل سرون ڪارب جون ٺپيل سرون نه، پر اُڪريل سرون ڪم آندل آهن، جن جا ڪنارا اڃا تائين تيز ۽ سنهڙا آهن. ان يڪي لڙھہ واري ڪم ۾ ڪٿي بھترين قسم جون گلڪاريءَ واريون سرون وري سانچي جون ٺپيل آهن. بنيادن جي چؤڦير سروٽن ۽ ڀنبجهوءَ جو ڍير آهي، جيڪو زمين کان ڏھہ فوٽ مٿي ۽ اسٽوپا جي بنيادن سان لڳو بيٺو آهي. هتان مهاتما گوتم ٻڌ جون ڪيتريون پڪل مورتيون هٿ اينديون پئي رهيون آهن. هڪ مقامي انجنيئر کوٽائي ڪرائيندي ٻُڌ جون ڪيتريون مورتيون لڌيون هيون. جن ۾ مهاتما ٻڌ جو جنم ڏيکاريل هو، هڪ مورتيءَ ۾ هو ماءُ جي پاسي ۾ وڻ هيٺان سمهيو پيو آهي. ٻيءَ مورتيءَ ۾ هو ننڊ ۾ ستل پنھنجي گهرواريءَ کي الوداع چئي رهيو آهي. اُهي پڪل ٺڪر جون مورتيون، مهارت سان ٺپيل نہ هيون، ۽ ماپ ۾ 6 يا 7 انچ هم چورس ٿينديون. مسٽر جي. گبس، مسٽر بارٽل فريئر ۽ مسٽر شاسٽوئرٽ سان گڏجي هن اسٽوپا جي کوٽائيءَ لاءِ آيو هو، جنهن کي هن ’رڪڻ جو ٺلھہ‘ ليکيو آهي. هن جو چوڻ آهي تہ اسان اڳواٽ ئي بنياد صاف ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليا، جيڪي هيٺ سرنگهون هڻندا ويا، تہ جيئن تبرڪ تائين پهچي سگهون. شام جو آءُ هڪ عام ڏاڪڻ جي وسيلي مٿي ٺلھہ تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ ڏٺم تہ ماڻهن اٺ فوٽ کوٽائي ڪئي هئي. ٽن ڏينهن يعني 27 فيبروري 1852ع ۾ اسان ٺلھہ جي ڀرسان ڪئمپ هنئي ۽ مزدور ڪا شيءِ لڀڻ کان سواءِ وڃي تري تائين پهتا هئا. ٺل رازڪي طرز جو هڪ عام رواجي نموني جو هو. ان ۾ استعمال ٿيل پٿر پري کان آندا ويا هئا. چورس بنياد جڏهن ظاهر ڪيا ويا تہ انهن جي ماپ هر هڪ پاسو 66 فوٽن جو هو. سنڌ گزيٽيئر جي صفحي نمبر 638 تي ڄاڻايل آهي تہ هن ٺل جي، جنرل جان جيڪب جي نگرانيءَ ۾ کوٽائي ٿي هئي. ان زماني ۾ هو صاحب، سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر هو. پر هن هتان ڪابہ دلچسپيءَ لائق شيءِ ڪانہ لڌي. هن ٺل ۾ ٻاهرئين پاسي کان هڪ متوازي سرنگهہ بہ هنئي وئي هئي. هن ٺل مان 1978ع ڌاري سڪرنڊ جي اديبن عبدالرحمان مگسي، حاجي خان ڪيريي ۽ تاج جويي کي ٺل جي مٿئين حصي مان ڪريل هڪ سر هٿ آئي هئي، جنهن تي ٻڌ جي تصوير اُڪريل هئي. اها سِر ڪيترن سالن تائين مرحوم مگسي صاحب جي لائبرريءَ ۾ محفوظ رهي، پر ان کي آهستي آهستي ڪلر کائيندو ويو. بهرحال اها حقيقت آهي تہ هي ٺلھہ ٻڌ ڌرم جو اهم آثار آهي.